SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقواميت


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقواميت

Internationalism


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقواميت

Internationalism

انٽرنيشنلزم

هيءُ هڪ سياسي تصور آهي، جيڪو بين الاقوامي نظام ۾ ڀاڱي ڀائيوار سڀني ڌُرين جي وچ ۾ وسيع تعاون ۽ سهڪار تي زور ڏئي ٿو. هي تصور محدود قومپرستي ، جنگ بازي، نسل پرستي ۽ علاقائيت کان مٿڀرو ٿي ٻين رياستن/قومن جي حيثيت کي سڀني فرقن ۽ تفاوتن سميت مڃتا تي زور ڏيندي، دُنيا جي مختلف ثقافتن لاءِ احترام جوڳي فضا پيدا ڪري عالمي امن کي سگھارو بڻائي ٿو.`بين الاقواميت‘ جو تصور دُنيا ۾ سياسي اڳواڻن ۽ رياستي روين جي هڪٻئي سان سهڪار لاءِ جاکوڙيندي باوقار عالمي حڪمرانيءَ لاءِ رهنمائي فراهم ڪري ٿو ۽ بين الاقوامي سطح تي’گڏيل قومن‘ جھڙن ادارن جي قيام کي مُمڪن بنائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ان کان سواءِ’بين الاقواميت‘ نطرياتي ويجهڙايون رکندڙ ملڪن وچ ۾ سياسي تعاون ۽ گڏيل فائدي جو هڪ سرشتو آهي . ان سرشتي هيٺ قوم جي عارضي ۽ اڪيلي فائدي بجاءِ ڏور-رس ۽ گهڻ-قومي ترقيءَ تي زور ڏئي ٿو . ڪميونسٽ نظريي سان لاڳاپيل ملڪ/حلقا پاڻ ۾ ويجهڙائين لاءِ هن اصطلاح کي تمام گهڻو ڪتب آڻيندا آهن


بين الاقواميت سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

کٽينگو

ٿ ننڍن ٻارن ۾ کنگهه جي بيماريءَ جو هڪ قسم ، کِرٽيو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal