SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بلقان


:جامع سنڌي لغات ۾

بلقان

بَلقانُ

اسم خاص. يورپ جي ڏکڻ اوڀر ۾ گڏيل رياستن جو ملڪ Balkan States.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


مفصل سنڌي لغت مان؛

بلقان

اعرابن سان:بَلقانُ

[ا-خاص] يورپ جي ڏکڻ اوڀر ۾ گڏيل رياستن جو ملڪ

* ]انگ: [Balkan states

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بلقان

Balkans

بئلڪنس

بلقان جي علائقي ۾ ڏکڻ اوڀر يورپ جا ملڪ يونان، يوگو سلاويه، بوسينيا، ڪوسوو، مئسيڊونيا، مونٽينيگرو، سربيا، ڪروشيا، ترڪي، سلووينيا، سلوويڪيا، بلغاريا، رومانيا، البانيا ۽ اٽليءَ جو هڪ حصو اچي وڃن ٿا. بلقان جو علائقو هميشه يورپ ۾ جنگين جي شروعات جو سبب بڻيو آهي، ڇاڪاڻ جو هن علائقي جي ماڻهن ۾ وڙهڻ جي جبلت شدت سان موجود رهي آهي. ”بلقان“ ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”وڻن سان جهنجهيل جبل“ آهي. هن علائقي ۾ ٿڌ ۽ بارش هُجڻ ڪري جبل سدائين ساوا رهن ٿا. علائقي ۾ سدائين وڳڙ رهڻ ڪري، ان جي پُٺيان Balkanization جو اصطلاح جُڙيو. اڄ به جنهن علائقي ۾ ننڍيون ننڍيون، هڪٻئي سان دُشمني رکندڙ ۽ بُحراني وجود رکندڙ رياستون جنم وٺنديون آهن ۽ لاقانونيت جي ور چڙهيل حاڪم اقتدار ۾ اچي ويندا آهن ته ان صورتحال کي Balkan جي علائقي ۾ 1817ع کان 1812ع تائين پيدا ٿيل انتشار جي پيسمنظر ۾ ڏٺو ويندو آهي


بلقان سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

سوغاتي

ذ. ث. صفت. ناياب ، اَملهه ، خاص. عمده ، پسنديده ، وڻندڙ ، سهڻو ، سُٺو ، لطيف. تحفي ۾ ڏنل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal