
(Bilawal)
سر بلاول هنڊول راڳ جي پنجن زالن مان هڪ آهي، راڳ جي اصطلاح ۾ هڪ ٺاٺ ۽ راڳڻيءَ جو نالو بلاول آهي. هيءُ بلاول ٺاٺ جو سمپورڻ راڳ آهي. هن ۾ کرج يا ڌيوت کي وادي سُر مڃين ٿا ۽ پنچم يا رکب کي سموادي. هن جي آروهيءَ ۾ مَڌَم سُر ڪمزور رهندو آهي ۽ اَمروهيءَ ۾ گنڌار تي زور نه ڏيندا آهن. هن ۾ نکاد جو سُر اڪثر وڪر لڳايو ويندو آهي، يعني ڌيوت کان پوءِ نکاد کي ڇڏي سڌو کرج ڏانهن وڌندا آهن. هن راڳ جو زور اُترانگ يعني مٿين سُرن ۾ رهندو آهي ۽ امروهيءَ ۾ هن جي شڪل ظاهر ٿيندي آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت صبح آهي ۽ هن کي ”صبح جو ڪلياڻ“ به چوندا آهن. شاهه لطيف جي سر بلاول ۾ڌڻي تعاليٰ، پيغمبر سڳوري ۽ سخي حاڪم ڄام جکري جي ساراهه ڪئي ويئي آهي.
چار طوفان
ذ. دنيا جا مشهور چار طُوفانَ [طُوفان نُوح پاڻيءَ سان، طُوفان هُود هوا سان، طُوفان لُوط باهه ۽ پٿرن سان ۽ طُوفان صالح خاڪ ۽ آنڌيءَ سان].
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal