SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بـحـر ج بـحـر


مفصل سنڌي لغت مان؛

بـحـر ج بـحـر

اعرابن سان:بَـحـرُ ج بَـحـرَ

[ا-مذ] وڏو درياهه، وڏوسمنڊ. ]مکيه پنج بَحر (وڏا سمنڊ) آهن، ١. بحر اوقيانوس (ائنٽلانٽڪ) ٢. بحر الڪاهل (پئسفڪ) ٣. بحر هند (هندي) ٤. بحر منجمد شمالي (اتريون برف ڄميل سمنڊ) ٥.بحر منجمد جنوبي (ڏاکڻيون برف ڄميل سمنڊ)[

’ٿو اوتي اکڙين مون، باراني بحر‘ (سچل/ مالڪوس)

-

* جهازن جو آرماڙ، ٻيڙين جي قطار، ٻيڙو

* هيءَ دنيا، خاڪي عالم، فاني جهان (صوفين جي اصطلاح ۾)

’انت بحر دي، ڪل نه ڪائي، رنگي رنگ بنايا‘ (بلهي شاهه)

* [صفت] فياض، وڏي علم وارو، عالم، تيزفهم

* هوشيار، ذڪي

* [ا - مذ] غور، فِڪر، ويچار

* ]ع[

اعرابن سان:بَـحـرُ ج بَـحـرَ

]ا - مذ[ شعر چوڻ لاءِ مقرر ڪيل علم عروض جو آهنگ، موزون (وزن تي چيل) شعر لاءِ علم عروض جو بحر

* شاعريءَ جا ڪيترائي بحر آهن، پر عام مکيه مشهور اوڻيهه بحر شاعرن ڪتب آندا آهن ]١.بحر طويل، ٢.بحر مديد، ٣.بحر بَسِيط، ٤.بحر ڪامِل، ٥.بحر وافِر، ٦.بحر هزج، ٧.بحر رجز، ٨.بحر رمل ٩.بحر منسرح، ١٠.بحر مضارع، ١١.بحر مقتضب، ١٢.بحر مجتث، ١٣.بحر سريع، ١٤.بحر جديد، ١٥.بحر قريب، ١٦.بحر خـفِيف، ١٧.بحر مشاڪِل، ١٨.بحر متقارب ۽ ١٩.بحر متدارِڪ[

* ]ع[

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


Remember Me Also:

بٺي

ث. [سن. ڀڙِشٽِ، ڀراشٽرَ = تَئي؛ ٢. اَڀِشَوَهَ = شراب چڪائڻ] کُوري. چُن، سِرُن، شراب. ڦلن، ڀُڳڙن، بسڪوٽن وغيره ٺاهڻ جو کورو. تَنُورُ. چُلهو. رڌ بچاءَ جي جاءِ ، چَرَ. شراب چڪائڻ جي جاءِ. مانِي خيرات ڪرڻ جي جاءِ. نيروٽيءَ جي ڪُنِ. ڌوٻين جو کنڀ چاڙهڻ جو چُلهو

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal