سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:
ब
The third consonant of the labial class. In some Sindhi words it has a peculiar sound, represented by ब॒ ٻه
Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.
ب
ث. [ع] سنڌي، عربي ۽ فارسي ”الف ، ب“ جو ٻيو اکر. تلفظ ”بي“. ابجد موجب عدد ٻه ٢. سنسڪرت ۽ هندي جي استعمال موجب بعضي ”و“ سان بدلجندڙ اکر ”ويد = بيد؛ وير = بير“. فارسيءَ جي استعمال موجب بعضي ”پ“ سان تبديل ٿيندڙ اکر ”بادشاهه = پاتشاهه“. ”بسم الله“ جو پهريون
بَ
ذ. [ف] قَسم جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ ”بَخُدا“. حرف جملو سِلسلي يا تواتر ڏيکاريندڙ حرف ”روز بَروز، دِن بَدِن“. تاڪيدي معنيٰ ۾ مستعمل حرف ”تازه بَتازه، نَوبَنو، جابَجا“.
بِ
حرف جر. ظرف. [ع] سان ”بِسم الله = بِ + اِسم اَلله = الله جي نالي سان“. ذ قَسم جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ بالله = خدا جو قسم ”ساهه سِر صدقو ڪريان، ٻيو ناهه ڪي بالله بيٺِ“ گل.
بِٿِ (ٿ)
ث. [وٿي < وٿ < بِٿِ] کاهِيءَ يا کڙيي جي وچ ۾ سبيل ڌاڳو جو ٻن پاسن کي ڌار ڪري.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
اعرابن سان:ب
[ا-مث] سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي ’الف – ب‘ جو ٻيو اکر، ديوناگري جو ٽيويهون ۽ هنديءَ جو ٽيهون اکر
* اُچارُ ’بي‘، ابجد موجب عدد ٻه (٢)
* نجوم ۾ ’ب‘ اکر برج جوزا ۽ رجب مهيني جي علامت آهي
* سائنس ۾ حياتين ’ب‘ (Viamin ‘B’) جو نالو
* صوفين جي اصطلاح ۾ ’ب‘ وجود جو ٻيو درجو آهي ۽ اولين موجود ممڪن جي نمائندگي ڪري ٿو. شطارين وٽ برزخ جي علامت آهي.
* مطلب بيان ڪرڻ ۽ ڳڻپ جي قسمن ۾، جنهن مفهوم جون ٻه يا وڌيڪ شقون هجن ته ان ۾ ٻيءَ شق جي بيان جي علامت آهي.
* ’ب‘ سنڌيءَ جو بنيادي آواز (صوتيو) آهي* ]ع: بيت (= گھر) جو اختصار. قديم زماني ۾ اندر جو مفهوم ’بيت‘ (= گھر) جي تصوير سان ظاهر ڪيو ويندو هو، جيڪو ’تصويري خط‘ هو؛ بعد ۾ ’صوتي خط‘ ۾ ان جو پهريون حرف ’ب‘ کڻي ان جو نالو ’بيت‘ تان ’بي‘ رکيو ويو[
* سنسڪرت ۽ هنديءَ جي واهپي موجب بعضي ’و‘ سان بدلجندڙ اکر، (جيئن’ويد = بيد، وِير = بِير، وار = بال، ول = بيل وغيره‘)
* فارسيءَ جي استعمال موجب بعضي ’پ‘ سان تبديل ٿيندڙ اکر، (جيئن ’بادشاهه = پا تشاهه‘)
* ’بسم الله‘ جو پهريون اکر
* [ع[
اعرابن سان:بَ
’سان‘، ’۾‘، ’تي‘ ۽ ’کان‘ (حرف جر) وغيره جي معنى ڄاڻائيندڙ هڪ اڳياڙي (جيئن’بخوشي = خوشيءَ سان‘، ’بهرحال = هر حال ۾‘، ’بشرطيڪه = انهيءَ شرط تي ته‘ وغيره)
* [ا-مذ [ قَسمَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ (جيئن ’بَخدا‘ = خدا جو سنهن، ساڳئيءَ ريت انگريزيءَ ۾ چئبو آهي By God)
* ]ح - جملو[ سِلسلو ڏيکاريندڙ اکر ’روز بَروز، جا بجا‘
* تاڪيدي معنيٰ طور واهپي ۾ ايندڙ اکر ’ نوبَنو، جابَجا، هوبهو، روبرو‘ (مرڪب لفظ جا + به + جا)
* [ف]
اعرابن سان:بِ
[ح- جر-ظرف [ سان، ’بِسم الله (= بِ + اِسم الله) = الله جي نالي سان‘
* [ا - مذ] قَسمَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ (بالله = خدا جو قسم، الله جو سنهن)
* [ع[
’هي هـُلاچو هـُل، بالله سندو سڄڻين‘ (شاهه)
اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)
سنڌي : بے
سرائڪي سنڌي لغت ب/بے/ب/ب
عربي، فارسي، اردو اولهه پنجابي ۽ سنڌي صورتخطيءَ جو ٻيو اکر
گرامر noun
- اسم
the second letter of the Sindhi alphabet
.
ب بابت وڌيڪ اصطلاح
.
ب لفظ جو عام استعمال
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal