SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اڪهاڻي/پلاٽ بغير ڪهاڻي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

اڪهاڻي/پلاٽ بغير ڪهاڻي

(Plotless Story)

ڪيترن نقادن جي راءِ آهي ته پلاٽ کانسواءِ ڪهاڻي ڪجهه به نه آهي، ڇو ته پلاٽ ڪهاڻيءَ جي جان هوندو آهي. باقي جزا ضمني حيثيت رکندا آهن. پر جديد ادب ۾ نوان تجربا ڪيا ويا آهن ۽ نوان رجحان پيدا ٿيا آهن. ڀارت جي جديد اديبن ڪهاڻيءَ جي هڪ قسم کي ’ اَڪهاڻي‘ سڏيو آهي. ’اَڪهاڻي‘ ۾ ڪهاڻي نه هوندي آهي. اهڙي ڪهاڻي، رٿا (Plot) کانسواءِ لکي وڃي ٿِي. امر جليل جي لفظن ۾ ”اهڙا افسانا، خيالن جي ڪڙيءَ ۾ ڪڙي Association of thoughts جي آڌار تي لکيا ويندا آهن. پلاٽ ليس افسانو ويهين صديءَ جي ايجاد آهي جنهن جا علمبردار، ارنيسٽ هيمنگوي (1899-1961)، وليم سرويان (1908-1981)، ارسڪن ڪالڊ ويل (1903-1987ع)، البرٽو وغيره آهن. سنڌي ۾ آنند کيماڻي، لعل پشپ، وشنو ڀاٽيا، منير ماڻڪ، نسيم پارس گاد، مشتاق شوري ۽ ڪن ٻين اَڪهاڻيون لکيون آهن.


Remember Me Also:

سقم

ذ. [ع. سَقَمَ = بيمار ٿيڻ] عيب ، اُوڻائي ، ويڪ ، نقص ، جِيءَ ، وِنگ ، وِڏَ ، گهٽتائي ، الَ ، خامي ، ڪاراٺ ، خرابي. بيماري ، مرض ، عِلت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal