SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اٽڪلون- رمزون- چالون- حرفتون


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اٽڪلون- رمزون- چالون- حرفتون

Tactics

ٽيڪٽِڪس

هي محدود ۽ خاص قسم جون، مخصوص ۽ عارضي مُدي لاءِ ٿيندڙ سرگرميون آهن، جيڪي تڪراري ماحول ۾ ٻن ڌُرين طرفان هڪٻئي جي خلاف جاري رکيون وينديون آهن. جيڪڏهن اهي سرگرميون تسلسل، ترتيب ۽ عقل-منديءَ سان جاري رکجن، ته اُهي هڪ مضبوط حڪمت عمليءَ جو روپ اختيار ڪري سگهن ٿيون. مثال طور ڪنهن تشدد پسند حُڪومت تي انساني حقن جو احترام ڪرڻ جي سلسلي ۾ عوامي ميڙ ڪٺا ڪري دٻاءُ وجهڻ جو عمل ”حڪمت عملي“ سڏرائيندو، جڏهن ته عوامي ميڙن کي منظم طريقي سان عمل ۾ لاهڻ ۽ اُن بابت هاڪاري تاثر قائم ڪرڻ جي فن کي ”رمزون“ سڏيو ويندو. هي اصطلاح هاڪاري ۽ ناڪاري ٻنهي حوالن سان استعمال ٿي سگهندو آهي ۽ جنگي هُنرن ۽ حڪمت عمليءَ ۾ ان جي وڏي اهميت ۽ استعمال ڏسڻ ۾ آيو آهي. اهڙين سرگرمين ذريعي، مُخالف ڌُر جي ايجنڊا جو ٻارڻ بڻجڻ بجاءِ، ڪا به ڌُر پنهنجي چترائي ۽ صلاحيت سان، ڪنهن به تڪرار ۾ پنهنجي ايجنڊا کي وڌيڪ اهم بڻائيندي آهي


Remember Me Also:

ننهنور

نَنهَنوَرِ جمع نَنهَنوَرِيُون

ث . گول سوراخ واري ڪاٺي (جنهن جي چڪر ۾ وڌل مُنِي جي چوٽي اٽڪائبي آهي). گهڻن ڊڀن ۽ لاهن واري پيل زمين.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal