
اَمارو
ذ. [ع. اَماره = بڇڙاين ڏي امر ڪندڙ] بڇڙاين لاءِ تيار ڪندڙ ”نفس امارو“.
اُمارو جمع اُمارا (ل)
ذ. اوڀارو ، اوڀر ، اُڀرڻ ”اڄ پڻ اُمارو، چوڏهينءَ ماه چنڊ جو“ شاهه تياري ، سانباهو ، سنيت ، قصد. پوري پڪي ارادي وارو ، ترت سانباهو. ”آيل! اُمارو، آهي پريين پار جو“ شاهه.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
اَمارو
ھندي ٻوليءَ جو ھڪ سگهارو ڪوي.
آءٌ ڪاليداس آھيان ۽ اَمارو جي اَنوکي ريت آھيان،
آءٌ جو وِدياپتيءَ جو ميت آھيان.
(ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون:52)
(2) جو گيت ’امارو‘ ڳوليو ھو، جو ڪاليداس نه پاتو ھو.
(وِڄون وَسڻ آئيون:286)
آسارڻ
مصدر. [سن. آ + سَمَرڻ = ياد ڪرڻ، يڪ خيال ٿي ياد ڪرڻ. ڏک وچان اوسارڻ ، پار ڪڍڻ ، روئڻ ”الوداع الوداع، سورٺ آسَاري“ شاهه. [سن. آشا] آس وارو ڪرڻ. اميدوارڪرڻ. آساريو ، آساريندو ، آساريل.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal