اَيَٿُ، اَيٿُ
ذ. هڪ تارو جو بَڊي مهيني جي پهرين ڏهن تاريخن آگسٽ ١٧،٢٧ ڌاري اڀري ٿو ”بَڊي پهرين ماه ۾ ايٿ اڀريو ، موٽڻ سندو من ۾ قاضيءَ قصد ڪيو“ فاضل شاهه ليليٰ مجنون. ڪن جي چوڻ موجب بڊي جي پوين تاريخن يا اڃا به اَسُوءَ جي پهرين تاريخن ڌاري اُڀري ٿو. پهريائين اَسُر
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
اعرابن سان:اَيٿُ، اَيٿُ
[ا- مذ] هڪ تارو جيڪو بَڊي مهيني جي پهرين ڏهن تاريخن (آگسٽ ١٧-٢٧) ڌاري اڀري ٿو.
’بَڊي پهرين ماهه ۾ ايٿ اڀريو . موٽڻ سندو من ۾ قاضيءَ قصد ڪيو.‘
(فاضل شاهه)
* (عام مشهور آهي ته ايٿ ٽارو بڊي جي پوين تاريخن يا اڃا به اسوءَ جي پهرين تاريخن ڌاري اڀري ٿو- پهريائين اسر وقت اڀري ۽ جيئن پوءِ تيئن اڳ ۾ اڀري، تان جو آڌيءَ ڌاري اڀرندو آهي، ڏکڻ اوڀر ڪنڊ کان اڀرندو ۽ ڏاکڻي افق تي ئي رهندو،عام خيال موجب ايٿ اڀري درياهه جي پاڻيءَ ۾ لاهو آڻيندو آهي).
’ايٿ تارو اڀريو لقا پور مٿا، سهسين گز سمونڊ جا ٿو سوسيو ڪڍي ساهه‘
’جـــر وٺـــندين جـــاءِ، جــــڏهن ڏســـندين ايـــــٿ اکــــين ســـــان‘
(رسالو).
’ ايٿ اُڀريو اُڀ ۾، ماهه اسو آيو‘ (سچل)
* مال جيڪو کير سـُڪائيندو.
* ٻِرن کان ٻاهر جيڪي جيت هوندا، تن کي ماريندو، ان وقت چمڙو سٺو رڱبو ۽ خوشبوءِ ڪندو.
’ايٿ نه رڱي کلڙي، جا اڳي سڙي آهه’ (گرهوڙي)
*پيسرو،اگٿ.
* [هند]
*سهيل يمني.
* [ع: ف]
اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal