SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


انگريز ڪليسا ئي برادري


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


انگريز ڪليسا ئي برادري

Anglican

اينگليڪين

لفظ ”انگيڪا“ لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو انگريزن لاءِ ڪتب اچي ٿو.اِن مان جڙيل صفت ”اينگليڪن“ مان مطلب ’انگلئنڊ جي‘ آهي. ڪليسا جي سرواڻيءَ ۾ هلندڙ عيسائيت جي پروٽسٽنٽ فرقي سان لاڳاپيل برادريءَ جا بنياد يورپ جي سورهين صديءَ واري اصلاحي دؤر منجهه ملن ٿا. هن برادريءَ جي خيالن مطابق بهتر انساني سماج جي اڏاوت لاءِ بدعتي خيالن تي مبني مسيحيت بدران، جديد گُهرجن جي تقاضائن کي پورو ڪندڙ عيسائي فڪر جو عمل ۾ هُجڻ ضروري آهي.ڪروڙن کان مٿي آبادي رکندڙ هيءَ برادري عيسائي مذهب ۾ رومن ڪيٿولڪ ۽ مشرقي پراڻ پسند ڪليسا کان پوءِ ٽئين نمبر تي سڀ کان وڏي برادري آهي


Remember Me Also:

ٻاٿون کائڻ

اجائي ڪوشش ڪرڻ. تڪليفون سهڻ. مانيءَ ڀور لاءِ ڌڪا ۽ ٿاٻا کائڻ. ڪجهه نه سَرڻ. محروم رهڻ. سِڪڻ. گرهه اٽڪڻ سبب ڳيتون ڏيڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal