SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


انٽرنيٽ واري جنگ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


انٽرنيٽ واري جنگ

Net War

نيٽ وار

مخالف ڌُريون جڏهن ڪمپيوٽر ٽئڪنالاجيءَ جي ذريعي ثقافتي ۽ سياسي طور، هڪٻئي جو بين الاقوامي تاثر بڇڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ۽ هڪٻئي جي معلومات چورائي مُشڪلاتون پيدا ڪن، ته ان عمل کي Net War جي اصطلاح سان بيان ڪيو ويندو آهي. اڄڪلهه هيءَ ڇڪتاڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. مُختلف ملڪن سان لاڳاپيل پيشه ور معلوماتي چور (Hackers) خانگي توڙي سرڪاري سهائتا سان، مخُالف جي معلوماتي خزاني (Data base) ۾ وڃي، نه صرف ان جي ڪٺي ڪيل تفصيلن ۾ گڙٻڙ ڪن ٿا، پر ان جي استعمال کي به ناممڪن بڻائين ٿا. اهڙا چور، مُخالف ڌُر جي رازن، رپورٽن ۽ ٻين تفصيلن کي چورائي، سندس حڪمت عملين کي پڻ بي اثر بڻائين ٿا. موجوده دور ۾ Wikileaks جي حوالي سان آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي ڳُجهين سفارتي رپورٽن ۽ مواد کي ”جولين اسانج“ نالي هڪ ڪمپيوٽر ماهر چورائي دُنيا آڏو پڌرو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري آمريڪي ۽ يورپي حُڪومتون تمام گهڻيون پريشان آهن. هن قسم جي ”پُرامن جنگ“ شخصن، ادارن ۽ حڪومتن وچ ۾ ڏينهون ڏينهن زور وٺي رهي آهي.


Remember Me Also:

سڦل

ذ. صفت. سن. سُود مند ، فائدي وارو ، سڦلو ، نفعي وارو ، ڪارگر ، مُجرب ، هِڪ ٽِڪ ، عمل ڪندڙ. ميوي دار. اسم. سٺو ڦَلُ ، سُٺو نتيجو. ظرف. برصواب ، پورو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal