بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Most Favoured Nation MFN
موسٽ فيورڊ نيشن
هن تصور تحت ڪنهن به هڪ مُلڪ طرفان مُختلف واپاري سهولتون ڏيندي ٻئي مُلڪ کي روايتي ڪاروباري شرطن ۽ ضابطن کان آجو قرار ڏنو ويندو آهي. بين الاقوامي واپار جي هن بنيادي ۽ مشهور تصور جو اصل مقصد واپاري ملڪن وچ ۾ هڪجهڙائي ۽ متڀيد کان پاڪ ماحول پيدا ڪرڻ آهي. ان نظريي مطابق واپار ۾ شامل ڌريون هڪٻئي کي اُهي هڪ- ڪرا موقعا مهيا ڪنديون، جيڪي انهن ڪنهن ٽين ”پسنديده ڌر“ کي ماضي يا حال ۾ ڏنا هوندا آهن. ان اصطلاح جو بنيادي تعلق اگهن / محصولن (Tariff) ۾ هڪٻئي سان رعايتن وارو به آهي. عام طور اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته ان اصطلاح تي بين الاقوامي واپار ۾ عملدرآمد ارڙهين صديءَ ۾ شروع ٿيو ۽ اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ پنهنجي عروج تي پهتو. ان سان عالمي واپاري وهنوار کي وڌيڪ هٿي 1947ع ۾ ’جنرل اگريميمنٽ آن ٽيرف ائنڊ ٽريڊ‘ (GATT) جي قيام سان ملي.اڄڪلهه WTO ۾ به هن متي کي تسليمي مليل آهي ۽ قومن واپار ۾ ڪنهن به تعصب کي غير اهم سمجهڻ شروع ڪيو آهي
ڇيڏڪ
ذ. رڪاوٽ ، رنڊڪ ، روڪ ، جهڳڙو ، خلل ، ڀَڃَڪڙي. ڦَڏو ، فساد ، رولو ، گوڙ. رَڳڙو. چريائي وارو پور. اُڊڪو. شدت. ڪُڏُ ، شوق. مرگهيءَ جي علامتن واري بيماريءَ جو هڪ قسم ، ڏَڪڻي يا لَرزو ، رَعشه رَعشي جي بيماري.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal