SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


امن- شانتي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


امن- شانتي

Peace

پيس

امن، جو عمل عالمي معاشري ۾ موجود مُختلف رياستن جي وچ ۾ شانتي ۽ سهپ ڀريي ماحول جي نشاندهي ڪندي تصديق ڪري ٿو، ته مُختلف رياستون گهڻ-رُخن معاملن ۾ واسطيداري رکندي، هڪٻئي سان مُهذب طريقي سان ورتاءُ ڪري رهيون آهن. اهڙي طرح اهي بنا ڪنهن فساد / جهڳڙي جي عالمي سرشتي کي پرسڪون انداز ۾ هلائي رهيون آهن. ”امن“ جي تصور کي عام طور جيئن بيان ڪيو ويندو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته عالمي معاشري ۾ رهندي، لاڳاپيل ڌُرين ۾ دشمنيءَ وارو ماحول نه هجي، يا منجهن هڪ صحتمند يا هاڪاري تعلق قائم ٿيل هجي. روزاني زندگيءَ جو ڪاروهنوار هلائيندي، قومن جي تاريخ ۾ سماجي توڙي معاشي لحاظ کان تحفظ واري صورتحال هجي ۽ سندن سياسي تعلق ۾ برابريءَ ۽ انصاف جي فضا موجود هجي. بين الاقوامي تعلقات ۾ ”امن“ جي وقت کي اهڙو زمانو تصور ڪيو ويندو آهي، جڏهن دُنيا ۾ مجموعي طور ڪو وڏو بحران، فساد، جنگ يا لڙائي ۽ جهڳڙو نه هجي


Remember Me Also:

آئندي، آئيندي

ظرف. ايندڙ وقت ۾ ، هن کان پوءِ ، ٻيهر ، وري.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal