SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


امن پسند:


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


امن پسند:

Dove

ڊوو

انگريزي ٻوليءَ ۾ ’ڍوو‘ ڳيري پکيءَ کي چئبو آهي، جيڪو امن ، سلامتي ۽ صبر جي نشانيءَ طور تسليم ڪيو ويندو آهي. پرڏيهي پاليسيءَ ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي دائري ۾ امن پسند حلقن (Doves) جو عالمي ڪردار، امن لاءِ ڪوششون وٺڻ وارو آهي. ٻن ملڪن طرفان هڪ ٻئي جي مفادن کي دل سان مڃرائڻ، جهيِڙن جو امن ڀريو حل ڳولڻ يا گڏيل سهمتيءَ لاءِ امن پسند حلقو سرگرم رهي ٿو، ان حوالي سان گڏيل قومن جي اداري به مُختلف بحرانن دوران Dove وارو ڪردار ادا ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اها تنظيم دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي آهي. ان عمل جي اُبتڙ جيڪي حلقا يا ماڻهو امن کي خراب ڪرڻ جون ڪوششون ڪن ٿا ۽ تڪرارن جو حل جنگي طريقي سان ڪرڻ گهُرن ٿا، انهن کي جهيڙيباز (Hawks) چيو وڃي ٿو


Remember Me Also:

ٻچڪار

ث. زبان، تارُون ۽ چپن سان ”ٻُچ ٻُچ“ وارو آواز جو ڪنهن جانور کي بيهارڻ يا سڏڻ، يا ننڍڙي ٻار کي راند ڪرائڻ، پرچائڻ يا پاٻوهه ڏيڻ وقت ڪجي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal