بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Trusteeship Council
ٽرسٽي شپ ڪائونسل
گڏيل قومن جي ڇهن مُک شعبن منجهان هڪ ادارو، جيڪو گڏيل قومن جي نگراني ۾ ڏنل علائقن جي نظرداري ڪرڻ لاءِ بااختيار هوندو آهي. هيءُ ادارو 1945ع ۾ گڏيل قومن جي نگرانيءَ هيٺ آيل علائقن جي ماڻهن ۾ سياسي، معاشي، سماجي ۽ تعليمي ترقيءَ بابت رٿا جوڙڻ ۽ سالياني رپورٽ ترتيب ڏيڻ لاءِ جوڙيو ويو. 1950ع تائين گڏيل قومن جي نظرداريءَ هيٺ آيل اهڙا يارنهن علائقا ستن ”امين رياستن“ کي ڏنا ويا هئا. اڄڪلهه ان قسم جا تقريبن سڀ علائقا آزاد ۽ خودمختيار رياستون بڻجي چُڪا آهن. ”امانتي ڏنل“ علائقن مان آخري علائقو ”پالائو“ جو هو، جيڪو ڊسمبر 1994ع ۾ خودمختيار بڻجي گڏيل قومن جو ميمبر ٿي چڪو آهي. هيءُ ادارو جنرل اسيمبليءَ جي ماتحت ڪم ڪندو رهيو آهي
عيالي
ذ. صفت. آل اولاد وارو ، ٻار ٻچن وارو ، ڪُٽنب وارو ، گهر ٻار وارو ، آڪهه وارو.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal