SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل

Economic and Social Council ECOSOC

ايڪنامڪ اينڊ سوشل ڪائونسل

گڏيل قومن جي ڇهن اهم جُزن (Organs) مان هڪ جزو 54 ميمبرن واري ڪائونسل آهي. ان ڪائونسل جو مقصد اڀياسن، رپورٽن ۽ سفارشن ذريعي پوري دنيا ۾ ڏتڙيل ملڪن جي اقتصادي ۽ سماجي حالت بهتر بنائڻ آهي. ان کان علاوه هيءَ ڪائونسل گڏيل قومن سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ٻين ادارن جهڙوڪ: بين الاقوامي مالياتي فنڊ (IMF) گڏيل قومن جي تعليم، سائنس ۽ ثقافت واري تنظيم (UNESCO) سميت 14 ادارن جي نگراني پڻ ڪندي آهي. ڪائونسل جو ساليانو اجلاس هر سال جولاءِ ۾ هڪ مهيني لاءِ ٿيندو آهي .


Remember Me Also:

جاڳر، جاڳر

ث. جِن ڀُوت ڪڍڻ وقت سادي يا راڳ واري مجلس جنهن ۾ ڀوپو واس ڌوُپ ڪري راڳ يا ساز وڄائيندو، راڳ ٻُڌڻ سان جنهن مهل جن پيل ماڻهو جهولندو آهي، ان مهل ڀوپو منتر وغيره پڙهي جِن کان خبرچار وٺندو آهي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal