SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اقتصادي پاڻڀرائي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اقتصادي پاڻڀرائي

Autarky

اتارڪي

اصل ۾ هي يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن کي نامياري يوناني فيلسوف ارسطو اصطلاح طور تخليق ڪيو. هي اصطلاح دراصل هڪ اهڙو تصور آهي، جنهن ۾ هڪ رياست ٻيءَ ڪنهن رياست، اداري يا طاقت تي نه ڀاڙيندي هجي. اڄڪلهه هيءُ لفظ اقتصادي خود مختياريءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ اِن مان مراد رياست جو اقتصادي ۽ معاشي طرح پاڻڀرو هجڻ آهي. يعني اهڙي رياست جو قيام ۾ اچڻ ، جنهن وٽ ڪچو مال ، کاڌ خوراڪ ، فوجي سامان ۽ صنعتي پيداوار ايتري هجي، جو اُهو ڪنهن ٻئي مُلڪ يا ڌُر آڏو هٿ نه ٽنگي


Remember Me Also:

روئي پوڻ

رُئڻ ، اکين مان آبُ وَهائڻ ، ڳوڙها ڳاڙڻ ، هَنجُون هارڻ ، روڌن ڪرڻ ، روڄُ ڪرڻ ، رُئڻ هارڪو ٿيڻ. ناراض ٿيڻ ، ڪاوڙجڻ. غمگين ٿيڻ ، اُداس ٿيڻ ، ڏُک ۾ ڀرجڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal