بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Moratorium
موريٽوريم/ موراٽوريا
هي اهڙي صورتحال آهي، جنهن ۾ ڪي به ٻه ڌريون لاڳاپا يا وڌيڪ سرگرميون ختم ڪري ڇڏينديون آهن، ته جيئن ڪنهن وچينءَ ڌر کي معاملا بهتر ڪرڻ لاءِ مناسب يا اضافي وقت ملي سگهي. هي اصطلاح خاص طور سياسي معاشيات ۾ استعمال ٿيندو آهي. جنهن ذريعي قرضدار ڌر طرفان قرضيءَ کي موقعو ڏنو ويندو آهي، ته اهو کنيل قرضن جي ادائگيءَ کي ممڪن بنائڻ لاءِ پنهنجي وس آهر مناسب قدم کڻي هڪ وچور ( Schedule) يا ٻيا اهڙا اُپاءَ وٺي، ته جيئن ادائگيءَ جي سلسلي ۾ ٻيا وسيلا ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿئي. ٻئي طرف ساڳيو اصطلاح هٿيارن جي استعمال کي ضابطي هيٺ آڻڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي. ان حوالي سان ابتدا ۾ لاڳاپيل ڌريون هٿيارن جي پيداوار کي گهٽائي، ڳالهيون شروع ڪري، اعتماد سازيءَ جو ماحول پيدا ڪنديون آهن. ۽ بعد ۾ ڪنهن به مستقل حل تي پهچي وينديون آهن. 1958ع ۾ سوويت يونين، آمريڪا ۽ برطانيا وچ ۾ ٿيل نيوڪليائي هٿيارن جو جزوي معاهدو (PTBT)ان قسم جو هڪ قدم هئو، جنهن اڳتي هلي لاڳاپيل ڌرين کي مسئلي جي مستقل حل تائين پهچڻ ۾ مدد ڏني
مقصودو رند
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal