(Moral Plays)
انگريزي ڊرامي جي اوسر ۾ معجزاتي ڊرامن کان پوءِ ‘اخلاقي ڊراما’ وڏي اھميت رکن ٿا. ھن قسم جا ڊراما مذھبي ۽ اخلاقي قدرن سان سرشار ھوندا ھئا. ھن قسم جي ڊرامن 15 ۽ 16ع صديءَ ۾سڄي يورپ ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي، جن ۾ ازل کان انسان جي پنھنجي نفس سان جنگ کي موضوع بڻايو ويندو ھو. ان کان سواءِ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي وچ ۾ جنگ بھ ھن قسم جي ڊرامن جو خاص موضوع ھوندو هو. ھي ڊراما جيتوڻيڪ مذھبي نوعيت جا ھوندا ھئا، ان سان گڏ انهن ۾ نصحيت به هوندي هئي ۽ تعليمي خيالن، سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ بدعتن تي طنز به شامل ھوندي ھئي. اخلاقي ڊرامن انگلينڊ ۾ ان وقت وڌيڪ شھرت حاصل ڪئي، جڏھن ڊرامن ۾ مذھبي پرچار کان وڌيڪ ’اخلاقيات‘ (Morality) تي زور ڏنو ويو.
خرابي
ث. بڇڙائي ، گندائي ، گندگي ، قباحت. ڪِنائي ، ميرائي ، بُرائي ، بَدي. اوگڻ ، بربادي ، تباهي ، نابودي ، بگيڙو ، نقصان ، زيان ، وڻاءُ ، بدنامي ، فنا ، پائيمالي ، گهاتَ ، بيهودگي ، ڪميڻپ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal