آگَم
ذ. [سن. آگَمَه = آ = ابتو + گَم = وڃڻ = گَمَنَ = الائي ڪڏهن اچڻ] ايندڙ وقت جنهن جي خبر يا گَم نه رهي، مستقبل. آئنده جو احوال ، اڳڪٿي ، پيشنگوئي. موت کان پوءِ جي حالت جنهن بابت ڪا خبر ڪانهي. اڳيون وقت. آغاز ، ابتدا ، شروعات. آمدني. اچڻ جي حالت ، داخل
آگَمُ جمع آگَمَ
ذ. ڪڪرن جي مڙي اچڻ جي حالت ، جهُڙ ، ملار. مينهوڳي ، مينهن جي موسم. بارش ، برسات ١ ”اڄ پڻ اميدون، آگم سنديون اُڀ ۾“ شاهه؛ ٢ ”اکين آگم سِٽيا، سانوڻ کان سرسا“ رمضان ڪنڀر. مينهن پوڻ کان اڳ ۾ ٿيل گهُٽَ ، اُڪرس.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
اعرابن سان:آگَم
]ا - مذ[ ايندڙ وقت (جنهن جي خبر يا گمان نه رهي)،
* مستقبل، آئندي جو احوال.
*اڳڪٿي، پيشنگوئي.
* موت کان پوءِ جي حالت (جنهن بابت ڪا خبر ڪانهي)، اڳيون وقت.
* آغاز، ابتدا، شروعات، اوائلي، شروعاتي، پهريون.
* آمدني، اچڻ جي حالت، داخلا، حاصل ٿيل شيءِ.
* ]اـ خاص[ ڌرمي نيمن جو هڪ شاستر (جيڪو ڏند ڪٿا موجب مهاديو جو لکيل آهي، جنهن ۾ منتر ۽ ڪرياڪرم ڏنل آهن).
* دستاويز، لکت.
* مشرق،پورب .
اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)
آگم سان لاڳاپيل لفظ
.
آگم بابت وڌيڪ اصطلاح
.
آگم لفظ جو عام استعمال
ادتي
صفت. [سن. اَ = نه + دوَيتَ = دوئي] جنهن جي دل ۾ دُوئي يا ٻيائي نه هجي. اَڌُوتِي. ذ بي پايان بهشت زمين، ڪڪرن ۽ آسمان کان تمام پري.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal