آچَارَڻُ، آچَارِڻُ
مصدر. [سن. ١. آچَارَ آ = اَت + چَر = هلڻ اڳئين موجب هلڻ؛ ٢. آدتِ سار = اصل کان رواجي قانون جو طرز عمل هجڻ] اصل کان هلندڙ رواج موجب فيصلو يا ڪم ڪرڻ. هلي چليءَ موجب هلڻ. نياءُ ڪرڻ ، انصاف ڪرڻ ، فيصلو ڪرڻ. ويِچَارَڻُ.ڳالهه ڪري ٻڌائڻ. آچاريو ، آچارِيندو
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
اعرابن سان:آچَارَڻُ، آچَارڻُ
]مص – فعل متعدي[ نياءُ ڪرڻ، انصاف ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، ويِچَارَڻ ُ، ڳالهه ڪري ٻڌائڻ، اصل کان هلندڙ رواج موجب فيصلو يا ڪم ڪرڻ، هلي چليءَ موجب هلڻ.
*]سن ١. آچَارَ (آ = اَت + چَر = هلڻ) اڳئين موجب هلڻ؛ 2. آدتِ سار = اصل کان رواجي قانون جو طرز عمل هجڻ[
* ]مص[ آچارڻ ُ
* ]امر[آچارِ
* ]مضارع[ آچاريان (ج) آچاريون، آچارِين (ج) آچاريو، آچارَي (ج) آچارينِ.
* ]زمان حال ٺاهڻ لاءِ معاون فعل ’ٿو‘ ۽ ’پيو‘ جا مذڪر، مونث جمع جا صيغا ڳنڍبا آهن [
* ]حال[ آچاري ٿو (ج) آچارين ٿا
* ]حال مث[ آچاري ٿي (ج) آچارين ٿيون
* ]ماضي[ آچاريو (ج) آچاريا
* ]ماضي مث[ آچاري (ج) آچاريون
* ]مستقبل[
اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)
شندول
ذ. صفت. سهڻو ، حَسِينُ ث. شِندولَ جمع شندولُون. ”آتڻ ڏٺي هئي سَسِئي ٻاٻيهي شين شِندولَ“.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal