SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آفاقيت


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

آفاقيت

(Universality)

هي هڪ نظريو آهي جنهن موجب زندگيءَ ۾ اهڙن مقصدن جي حصول لاءِ ڪوشش ڪجي، جن سان انسانيت جي ڀلائي ۽ فلاح ٿئي. 21 صديءَ کان هي نظريو تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. ادبي حوالي سان آفاقيت جي معنيٰ آهي ته ڪنهن اديب يا ادبي فنپاري جي اها خوبي، جيڪا هر دؤر ۽ هر ملڪ جي ماڻهن کي متاثر ۽ محظوظ ڪرڻ جي صلاحيت رکي. زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد فن يا فنڪار آفاقي هوندو آهي. جيئن: شاهه لطيف آفاقي شاعر آهي ۽ ’شاهه جو رسالو‘ آفاقي شاعريءَ جو ڪتاب آهي. اهڙيءَ ريت شيڪسپيئر جا ڊراما، سعديءَ جو ”گلستان“ ۽ ”بوستان“، ڪاليداس جو ”شڪنتلا“ وغيره جيڪي ڪنهن خاص هنڌ ۽ دؤر ۾ چيا يا لکيا ويا مگر دنيا جي هر خطي لاءِ انهن جي فني ۽ فڪري افاديت هڪجهڙي آهي. اهي آفاقي لکڻيون هونديون آهن.


Remember Me Also:

ڪر ڪر مچائڻ

ڪِر ڪِر ڪرڻ ، اجايو جهيڙو ڪرڻ ، رڳڙو مچائڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal