SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آرڪائيوز


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

آرڪائيوز

(Archives)

آرڪائيوز يوناني ٻوليءَ جي لفظ Archeion مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪنهن سرڪاري يا غير سرڪاري اداري جو رڪارڊ، جنهن کي ان جي اهميت سبب محفوظ ڪيو ويو هجي.’آرڪائيوز‘ انهن دستاويزن کي چئبو آهي، جن جي تاريخي ۽ تحقيقي حيثيت هجي ۽ انهن کي دستاويزي مرڪزن يا محڪمن، قومي يا صوبائي دستاويزي ادارن يا تحقيقي ڪتبخانن ۾ منتقل ڪيو ويو هجي ۽ هڪ خاص مدي گذرڻ بعد تحقيق ڪندڙن کي فراهم ڪيو وڃي يا انهن کي ڇپرائي عام ڪيو وڃي، جيئن ماڻهو انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهن. سنڌ ۾ اطلاعات کاتي جي هٿ هيٺ آرڪائيوز جي ڊائريڪٽوريٽ قائم آهي، جنهن جي آفيس ڪلفٽن ڪراچيءَ ۾ واقع آهي. هتي خاص ڪري برطانوي دؤر سان وابسته ڪتاب، فائيل، خط ۽ ٻيو مواد محفوظ آهي. اسلام آباد ۾ پڻ سينٽرل آرڪائيوز جي آفيس ۽ لائبرري موجود آهي.


Remember Me Also:

سج ٻڏڻ

سِجُ لهڻ ، سورج غروب ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal