
آبِ زَم زَم
· ]ف: آب= پاڻي + ع: زم زم (ا - خاص)= عربستان ۾ هڪ کوهه[
* ]ا - خاص[ زَم زَم کوهه جو پاڻي (زم زم کوهه بابت روايت آهي ته بيبي هاجره حضرت اسماعيل عليه السلام جي ولادت کانپوءِ اُڃ سبب پاڻيءَ جي تلاش ۾ ’صفا‘ ۽ ’مروه‘ جبلن جي وچ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي هئي. خدا جو شان، جو جتي حضرت اِسماعيلعه سُتو پيو هو، اُتي سندس پيرن جي کرڙين سبب پاڻي نڪري آيو. جڏهن پاڻي وهي هلڻ لڳو، تڏهن بيبي صاحبه مِٽيءَ جو ٻنوڙو ڏيئي چيو ’زم زم‘ معنى ’ٿم ٿم‘ يا ’بيھُه بيھُه‘. جيئن ته هي حضرت اِسماعيل عليه السلام جو هڪ معجزو هو ۽ خانه ڪعبه ۾ اَڄ به اُهو پاڻي اِستعمال ٿئي ٿو، تنھنڪري مسلمان اُن پاڻيءَ جي وڏي عزت ڪندا آهن ۽ حاجي سڳورا پنھنجي ملڪ ۾ تبرڪ طور آڻيندا آهن. هڪ حديث موجب هي پاڻي مرضن واسطي آبِ شفا آهي)
نڪرڙي
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal