
گرامر
- اسم
ڪَنڌُ
گرامر noun
- اسم
گَردَنُ
Neck
نيڪ
ڳچي، جسم جو اھو حصو جيڪو مٿي کي سھائتا ڏئي ۽ مٿي، مغز ۽ جسم لاءِ ھڪ لنگهه جو ڪم ڪري ٿو. ڳچيءَ ۾ ڪيتريون اھم بناوتون ٿين ٿيون جھڙوڪ: مغزي ڏوري (spinal cord، جيڪا معز ڏانھن ۽ کان تنتي اِمپلس نيئي ٿي)، نڙگهٽ (trachea/windpipe)، گلي (larynx/voice box)، لُڪي (oesophagus)، ٿائروائڊ (thyroid) ۽ پيراٿائروائڊ (parathyroid) غدود، لِمف (lymph) غدود ۽ ڪيتريون مکيو رت نليون. ڪرنگهي جون مٿيون ست ريڙھيون ڳچيءَ ۾ ٿين ٿيون، جن سان مشڪن جو ھڪ پيچيده سرشتو، ھسليون (clavicals/collarbones)، مٿيون پاسريون ۽ ھيٺين ڄاڙي ڳنڍيل ٿئي ٿي.ڳچيءَ جي نقصن ۾ شامل ٿين ٿا: ٽارٽيڪولس (torticollis، ڦريل ڳچي) جنھن سبب منڍي ھڪ پاسي ڦري وڃي ٿي. ڳچيءَ جي ريڙھين جو ٽٽي ۽ نڪري پوڻ ۽ وِپِليش اِنجري (whiplash injury) جنھن سبب مغزي ڏوريءَ کي ڇيھو رسي، اڌرنگي ۽ موت جو سبب به ٿي سگهي ٿي (ڏسو، spinal injury). ڳچيءَ جي ڪنھن به قسم جي تڪليف سبب پيدا ٿيندڙ سوڄ، ساه کڻڻ ۽ ڳھڻ جي عمل ۾ خلل پيدا ڪري سگهي ٿي. سروائيڪل آسٽيئوآرٿرائيٽس (cervical osteoarthritis) سبب ڳچيءَ جي ريڙھين جي وچوارن سنڌن ۾ ٿيندڙ کاڌ، ساڳيون تڪليفون پيدا ڪري سگهي ٿي جھڙيون ريڙه نڪري پوڻ (disc prolapse) ڪري ٿي پون ٿيون. اينڪيلوزنگ اسپانڊلائيٽس (ankylosing spondylitis) ۾ ٻن ريڙھين جي ڳنڍجي وڃڻ سبب نڙي سخت ٿي وڃي ٿي. سروائيڪل رِب (cervical rib) ورلي ٿيندڙ ھڪ موروثي نقص ٿئي ٿو جنھن ۾ ڳچيءَ ۾ ھڪ ننڍڙي واڌو پاسري پيدا ٿي پوي ٿي. ڳچيءَ ۾ پوندڙ سور جنھن جو ڪو به ڪارڻ معلوم نٿو ٿئي گهڻو عام ٿئي ٿو. جيستائين اعصابي تڪليفون (جھڙوڪ: حس يا مشڪ جي سگهه ختم ٿي وڃڻ) پيدا نٿيون ٿين تيستائين ان تڪليف جو سنگين ٿي وڃڻ ممڪن نٿو ٿئي ۽ عام طور تي ڪجهه ھفتن ۾ ختم ٿي وڃي ٿي.
Related words with: neck
جتاء
ذ. چتاءُ ، ڄاڻ ، اطلاع.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal