
Pregnancy
پريگ.نن.سي
اميدواري، ڳڀ پوڻ (conception) کان ٻار ڄڻڻ جو 280 ڏينھن جو عرصو. حمل جي شروعات آني جي نرجڻ ۽ ان جي پيوند ٿيڻ سان ٿئي ٿي. آنو، اؤر (placenta) ۽ ڳڀ (fetus) پيدا ڪري ابھم ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ڪيترا آنا ڳڀيرڻ ۾ لڳي/ پيوند ٿي وڃن ٿا. تمام ورلي ڪو آنو جڏھن ڪنھن غيرمعمولي ھنڌ جھڙوڪ پيٽ ۾ فيلوپين (fallopian) نليءَ ۾ واڌ ڪري ته ان کي بيجا حمل (ectopic pregnancy) سڏجي ٿو. عام طور تي حمل، عورت جي آخري ماھواريءَ جي پھرين ڏينھن کان اٽڪل 60 ھفتن تائين ھلي ٿو. جنھن جي ٽن مرحلن ھر ھڪ جي ٽن مھينن ۾ (ٽه ماھين، trimesters) ۾ ورھاست ڪجي ٿي. حمل جي پھرين 8 ھفتن دوران واڌ ڪندڙ ابھم کي اِمبريو (embryo) ۽ ان کانپوءِ فيٽس (fetus) سڏجي ٿو. پھرين ٽه ماھيءَ دوران ڇاتيون وڌڻ شروع ڪن ٿيون ۽ حساس ٿي سگهن ٿيون. عام طور تي اُڊيڙ (ڏسو، vomiting in pregnancy) ٿي پون ٿا. ھن مرحلي جي آخر تائين ابھم جا مکيا عضوا تيار ٿي وڃن ٿا. ٻيءَ ٽماھي دوارن ماءُ جون ٻنڊيون (nipples) وڏيون ۽ رنگ جون گهريون ٿي وڃن ٿيون ۽ ماءُ جو وزن تيزيءَ سان وڌڻ لڳي ٿو. عام طور تي 20 ھفتي دوران ابھم جي چرپر محسوس ڪري سگهجي ٿي. ٽينءَ ٽه ماھيءَ دوران اسٽريچ مارڪَ (stretch marks) ظاھر ۽ کنگهڙو (colostrum) پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ بريڪسٽن ھڪس ڪانٽريڪشن (Braxton Hick’s contractions) محسوس ڪري سگهجن ٿا. اٽڪل 36 ھفتي ابھم جي منڍي انگيج/ لهڻ ٿيڻ شروع ڪري ٿي. حمل دوران صحت جي معمولي مسئلن ۾ شامل ٿين ٿا: قبضي، بواسير، اڱاري، ڪن ڦٿ کائڻ (pica)، مُرن جو سڄي پوڻ ۽ ويريڪوس وينس. ان سان گڏ ٻيا عام مسئلا ٿين ٿا: پيشاب لنگهه جا انفيڪشن (urinary tract infections)، پيٽان ويھڻ يا پيشاب ڪرڻ تي ضابطو نه رھڻ ۽ ڪينڊيڊياسِس (candidiasis). حمل جي متاثر ڪندڙ پيچيدگين ۽ نقصن ۾ شامل ٿين ٿا اينٽِيپارٽم ھيمريج (antepartum haemorrhage)، ڊائبيٽڪ پريگننسي (diabetic pregnancy)، ڇڪي اچڻ (miscarriage)، پالي ھيڊرامنيوس (polyhydramnios)، پري اِڪليمپسيا (pre-eclampsia)، پريميچوئرٽِي (prematurity) ۽ رِيوسس اِنڪامپيبلٽي (Rhesus incompatibility) (وڌيڪ ڏسو، childbirth; fetal heart monitoring; pregnancy, multiple).
Related words with: pregnancy
سير ڇوڙڻ
مصدر. ڪنهن نَس يا رڳ کي چَهَڪُ ڏيئي رت ڪڍڻ. ناڙَ ڇوڙڻ ، فصد کولڻ ، نبض کولڻ ، رت ڪڍڻ ، نس وَڍَڻ ، رڳ ڪَپڻ. ڏُک پهچائڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal