
injury
آ.ڪو. پيش.نل ـ ڊزيز ـ اينڊ ـ انجري
اھڙيون بيماريون، نقص يا ضربون جيڪي ڪيميائي مادن يا ڊسڙ يا جسماني يا نفسياتي يا بائلاجيڪل پھلوئن سبب ڪنھن ڪم واري ھنڌ تي ٿي پون. نوموڪونيوسس (Pneumoconiosis) ڦڦڙن جي فائبروسس (fibrosis) صنعتي ڊسڙ جھڙوڪ: ڪوئلي سبب ٿي پوي ٿي. ايسبيسٽوسس (asbestosis) بيماري صنعتن جي ايسبيسٽوس (asbestos) ڪيميائي مادي سان لاڳاپيل ٿئي ٿي ۽ نامياتي ڊسڙ، الرجيائي آلويولائيٽس (alveolitis) پيدا ڪري ٿي (ڏسو، farmer’s lung). صنعتي ڪيميائي مادا، ساه ۾ وڃن ته ڦڦر تباه ڪري سگهن ٿا يا ڦڦڙن يا چمڙيءَ مان رت جي گردشي سرشتي ۾ داخل ٿي وڃن ته ٻين نازڪ عضون تائين رسي انھن کي تباه ڪري سگهن ٿا. انھن جي مثالن ۾ شامل ٿين ٿا ڪيڊميم (cadmium)، بيريليئم (beryllium)، شيھي (lead) ۽ بينزين (benzene) جا بخار. ڪاربان ٽيٽراڪلورائيڊ (carbon tetrachloride) ۽ وينائيل ڪلورائيڊ (vinyl chloride)جيري جون بيماريون پيدا ڪن ٿا. انھن مان ڪيترا مرڪب بڪيون ناس ڪري سگهن ٿا. ڪم سان لاڳاپيل چمڙيءَ جي تڪليفن ۾ ڪانٽيڪٽ ڊرميٽائيٽس (dermatitis) ۽ اسڪوئيمس سيل ڪارسينوما (squamous cell carcinoma) شامل ٿين ٿيون ڪجهه ورلي ٿيندڙ وچڙندڙ بيماريون جيڪي ڪن ڌنڌن/ پيشن ۾ گهڻيون عام ٿين جن ۾ بروسيلوسس (brucellosis) ۽ ڪيو فيور (Q fever، چوپائي مال مان)، ستاڪوسس (psittacosis، پکين مان) ۽ ليپٽواسپائيروسس (leptospirosis، نيڪاس مان) شامل آھن. جيڪي فرد رت يا رت جي مادن سان ڪم ڪن ٿا، اھي صحت جي ٻين پيشيور ڪارڪنن جيان وائرل ھيپيٽائيٽس (ڏسو، hepatitis, viral) ۽ ائڊس (AIDS) ٿيڻ جي گهڻي خطري ۾ رھن ٿا. ايٽمي صنعت ۽ صحت سنڀال جي ڪن پيشن ۾ شعاعن جي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ٿا. پيشوراڻين تڪليفن ۾ ٻيون شامل ٿين ٿيون: رائيٽرس ڪريمپ (writer’s cramp)، ڪارپل ٽنيل سنڊروم (carpal tunnel syndrome)، سنگرس نوڊس (singer’s nodes)، ريناڊس فنامينن (Raynaud’s phenomenon)، ٻوڙائپ ۽ موتيو پاڻي (cataracts).
Related words with: injury
سرجڻو
ذ. سُرندڙ جيت وڇون، بلا وغيره.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal