
Joint
جوائنٽ
سنڌ، ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ھڏن جي ميلاپ جو ھنڌ. ڪيترا سنڌ گهڻا ڦرندڙ گهرندڙ، ڪي کتل ته ڪي رڳو محدود چرپر ڪري سگهن ٿا. کوپريءَ جا سنڌ کتل ۽ تاندوري ٽشوءَ رستي سُڪ ٿين ٿا. ڦرندڙ گهرندڙ سنڌن جا منھن ملائم ڪارٽيليج (cartilage) جي تھه ۾ بند ٿين ٿا ته جيئن انھن جي گهٽ گاٺ ٿي سگهي. سنڌ، ھڪ سگهاري تاندوري ڪيپسول ۾ بند ٿيل ۽ سنوويئل (synovial) تھه ۾ ويڙھيل ٿئي ٿو (ڏسو، synovium) جيڪو ھڪ قسم جو مک پيدا ڪندو رھي ٿو. ھر سنڌ طاقتور ٻنڌين (ligaments) سان گهيريل ٿئي ٿو جيڪي ان جو بچاءُ ڪن ٿا ۽ انتھا جي چرپر ڪرڻ کان بچائين ٿا. سنڌن جي چرپر جن مشڪن رستي ضابطي ۾ رھي ٿي اھي سنڌ جي ٻنھي پاسن کان ھڏي جي جوٽن (tendons) سان ڳنڍيل ٿين ٿا. چرپر ڪندڙن گهڻن سنڌن کي ويجهڙ ۾ گهٽ ۾گهٽ ھڪڙو برسَا (bursa) ٿئي ٿو جيڪو دٻاءَ واري ھنڌ لاءِ گديءَ جو ڪم ڪري ٿو. چرندڙ سنڌ ڪيترن قسمن جا ٿين ٿا. انھن ۾ ان جي سي (hinge) سنڌ سادي ۾ سادا ٿين ٿا، وري ۽ سڌي ٿيڻ جو ڪم ڪرائين ٿا جھڙوڪ: آڱرين وارا. گوڏي ۽ ڪرائيءَ وارا، ان جي سي سنڌن جو اعليٰ نمونو ٿين ٿا جيڪي ڪجهه گول ڦرڻ جو به ڪم ڪن ٿا. ڦرڻا (pivot) سنڌ جھڙوڪ: پھرين ۽ ٻي ريڙه (ڏسو، vertebra) وارا سنڌ رڳو گول ڦرڻ جو ڪم ڪن ٿا. اِلپسوائيڊل (ellipsoidal) سنڌ جھڙوڪ: مُري وارا ھر قسم جي چرپر ڪرائين ٿا سواءِ ڦڙڻن جي. گولي پياليءَ وارا (ball and socket) سنڌ جن ۾ دُڏ ۽ ڪلهي جا سنڌ به شامل ٿين ٿا، وسيع حد ۾ چرپر ڪرائين ٿا (پوئتي يا اڳتي، پاسي ڀر ۽ گول). عام ڌڪن ۽ ضربن ۾ موچ (sprain)، ڪارٽيج کي ڇيھو رسڻ، ٻنڌيون ٽٽي پوڻ ۽ سنڌن جا ڪيپسول ڦاٽي پوڻ شامل ٿين ٿا. سنڌ نڪري پوڻ جو عام طور تي سبب ضرب ته ورلي موروثي به ٿئي ٿي. گهٽ شديد ضرب سبب سبلُوڪسيشن (subluxation) ٿي پوي ٿي. ورلي، ھڏن جا ڇيڙا ٽٽي ڀڄي پون ٿا جنھنڪري سائِنووائيٽس (sinovitis) سبب سنڌھير/ سنڌ ۾ رت وھڻ (haemarthrosis) يا اِفيوزن (effusion) ٿي سگهي ٿي. عام طور تي سنڌ آرٿرائيٽس (arthritis) سبب متاثر ٿي پون ٿا. مقامي سوزش يا سيٽ (strain) جي نتيجي ۾ برسائِيٽس (bursitis) پيدا ٿي سگهي ٿي.
Related words with: Joint
پاهان پڳ ڏيڻ
پويان پير ڪرڻ ، پٺتي موٽڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal