
گرامر noun
- اسم
غُدُودُ
Gland
گِلئن.ڊ
غدود، مخصوص سيلن جو ھڪ اھڙو گروپ جيڪي جسم ۾ ڪن قسمن جا ڪيميائي مادا جھڙوڪ: ھارمون (hormones) ۽ انزائيمون (enzymes) پيدا ۽ خارج ڪن ٿا. غدودن جا مکيا ٻه قسم ٿين ٿا: اينڊوڪرين (endocrine) ۽ ايڪسوڪرين (exocrine). اينڊوڪرين غدودن کي نليون نٿيون ٿين ۽ پنھنجيون رطوبتون سڌيون رت جي وھڪري ۾ خارج ڪن ٿا، انھن جا مثال پٽيوئيٽري، ٿائروائڊ ۽ اَڊرينل غدود ٿين ٿا. ايڪسوڪرين غدودن کي نليون ٿين ٿيون ۽ پنھنجيون رطوبتون يا ته چمڙيءَ جي مٿاڇري تي (سيبيشس غدودن) يا ڪنھن ڍانڍي عضوي جھڙوڪ: وات يا ھاضمي جي ناليءَ (پڪ جي غدودن) ۾ خارج ڪن ٿا.
Related words with: Gland
گولو
ذ . ف. گوله = گولو. غلام ، ٻانهون ، تابعدار ، مطيع ، نوڪر ، بردو ، چاڪر ، خدمتگار. پَتن جي تاس جو اهو پَتو جنهن تي غلام جي مورت هجي ٥٢ پُتن ۾ ٤ گولا ٿين. گول شيءِ ، چڪر ، گول ، منڊل. توف جو، ڌرتي جو، باهه جو ۽ ڪو به آسماني گولو. بمگولو. واڍڪي اوزار
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal