Phulwari Sindhi Proverbs

پُڇڙي، ٻُڏي يا سُڪي.
پُکي پئي، ڪُڇئي وئي.
پِنَ تي پَري، ته مُڙسُ ڪوههُ ڪري.
پِنڻ پَچرَ ڇڏيم، ته به ڪُتو نٿو ڇڏي.
پِيريءَ جي شادي، پاڙي جو سُکُ.
پِيرَ کي خليفا کڻندا آهن.
پِيرُ ڀلو يا ويساههُ؟
پِيرُ، فقيرُ راضي، ته ڪوههُ ڪريسي قاضي؟
پِٽِ پَر کي، لڳي گهرَ کي.
پِٽِ پڙهيو باقي مُٽيوسين، سو مُٽيوسين.
پٽيا، سي چٽيا.
پٿرُ شَنڪرُ، پٿر ڪَنڪَرُ.
پڇر ڍائيءَ کان قرض نه کڻجي توڙي هجي تجار.
پڙاڏو، سَڏَ جو وياءُ.
پڙهو نه پڙهو آڱوٺي تي چڙهو، اسان جو پگهار کڙو.
پڪلَ ماني به يا نصيبُ.
پڪي وَڻَ ۾، سئو ڇاڻپون.
پڪي گهڙي به ڪڏهن ڪُتا پيا؟
پڻهين مُئي کان پوءِ سُڌِ ئي ڪانهي، ته گرههُ ٻچن جي وات ۾ يا پنهنجي وات ۾.
ٿارا، ناري جائين!
ٿورا ٻارَ پيار ئي پيار.
ٿورا ڪڻا، ٿالهيءَ ۾ ڀلا.
ٿورو لاهجي نه ته ڳائجي.
ٿورو لکيو گهڻو ڪري سَمجهندا.
ٿورو ويندو آهي، گهڻي لاءِ.
ٿوري مان ٿورو، گهڻي مان گهڻو.
ٿولا ٿولا چُڳي، سُيح ڪريندي جُهڳي.
ٿَرُ آهي ٿَڻَ تي، نه ڪَڻِ تي
ٿَڌي ڇانءَ، مِٺي بُکَ.
ٿَڪو ڍڳو، ٻه ڌڻي سنڀالي.
ٿُلهو ڏسي ڊڄجي نه، سَنهو ڏسي وڙهجي نه.
ٿُوم مان جافران.
ٿُڪَ به کدڙي جي ڳُئِي به کدڙي جي.
ٿُڪَ تي نارُ، چاڙهيو وتي.
ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانءَ ۾ رَکائيندو آهي.
ڀاءُ جهڙو، سڄڻ ڪونهي، پر چيٽِ پوي، ته اهڙو ڏجڻ ڪونهي.
ڀائو، گهوڙو ڪهڙي نَسل جو؟چي، ”ادا، جيڪو چڙهيو سو اَڙيو، جيڪو لٿو سو ڦاٿو.“
ڀائيواري ڀاءُ سان به چڱي ڪانهي.
ڀائيواري ڪجي کُڏَ چڙهي، ڇِٽائجي، ڪَن سَن ۾.
ڀاڙيو ڀاءُ به چڱو ڪونهي.
ڀاڳين جا ڀاڻَ، خالي ٿيڻا نه آهن.
ڀاڳيو مجنون آهي.
ڀاڳَ وارن جا ڍڳا به ڍُڪا.
ڀاڻُ پوي ته کيتي، نه ته ڪوري ريتي.
ڀرڪيا، ڀائرن کان تِرڪيا.
ڀلو گهوڙو پاڻ ڇڏائي.
ڀلي آيو، گانءَ ڄائو، جنهن سارو ملڪ وَسايو.
ڀلي مٿي وارن کي به خبر پوي ته هيٺ به ڪي جوان آهن.
ڀورو ڀڳو نه ٿئي.
ڀيڄ پاڳارا، تنهنجا ٿرن برن ۾ نعرا.
ڀيڄ پاڳارا، ڪلنگيءَ وارا.
ڀيڄُ ڀٽائي، ڪر مُلڪُ مٺائي.
ڀَتَ جي اڳياڙي، جهيڙي جي پڇاڙي.
ڀَتَ پيالي لاءِ، رتَ پيالو ڏيڻو ٿو پوي.
ڀَتُ پَهتُ، اڌاري ڀاڄي آهي.
ڀَرئي گهر مان، لِيلان وڃي سکڻي.
ڀَرجي ڀرجي، نيٺ هارڻي آهي.
ڀَري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳرو.
ڀَري ٻيڙيءَ ۾، ڪاڻو ڳرو.
ڀَريو به روئي، سکڻو به روئي.
ڀَرِي سا پِيتي.
ڀَلا پيا، ڀَلن وٽ اچن.
ڀَڃُ دکي ته چَٽيُون.
ڀَڄِي وڃُ تنهنجي جاءِ نه آهي.
ڀُر ڀُر ڇِيڻا، جنگ مَچاءِ.
ڀُلئي واڻئي، ڳُڙ کاڌو.
ڀُنگُ پئي ڀائٽي، ڌِڪا کائي ڌيڻس.
ڀِتِ بَڻياد تي ويندي آهي.
ڀڙوو، ڀاءُ کان به پيارو.
ڀڙوي جو هنڌُ، سدائين کٽ تي.
ڀڙوي ڀاءُ کان کٽ خالي چڱي آهي.
ڀڙوي کي ماني، ڳاڙهي ٻوڙ سان.
ڀڳا ڏارَ، ڳيرا اُڏاڻا هليا ويا.
ڀڳت جي ڀڳتي، اَجائي نه وڃي.
ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو مَنُ.
ڄارِ ڄاڱرُ هڪڙي اگههِ.
ڄاڻي اکر به نه، نالو فاضل خان.
ڄاڻي اکر به نه، نالو فاضل خان.
ڄاڻَ ئي ڄارُ آهي، اڻ ڄاڻ ئي پارِ آهي.
ڄَرڪو ڪُڙمَ جو وِيري.
ڄَمي به پِيرُ، مري به پيرُ
ڄَمَ ۾ئي ڪَمُ آهي.
ڄَٽُ سمورو سونُ، پر ڳُئي پتل جي.
ڄَڻينديون وڃن ڊِنگهرن تي اُڇلينديون.
ڄٽ کي لڳي ڀاڳُ، ته ڏياري جُواري اٽي کي داڳُ.
ڄڻي ماءُ منهن ڪارو مائٽن جو.
ڄڻي ماءُ منهن ڪارو ٻارن جو.
ڄڻيندڙ ڇُٽا پرڻيندڙ مُٺا.
ڄڻيو ماءُ، ماريو موتَ.
چار سڄڻ چار دشمن سڀ ڪنهن جا آهن.
چار ڄَڻا رِليءَ ۾، پاءُ گِههُ ديڳ ۾، ڀلي ته نيڪي ٿِئي.
چار ڏينهن چاههَ جا، پوءِ وٺُ ڪَپرَ واههَ جا.
چارئي پلاندَ چِڪَ ۾.
چانڊئي جي چڱائيءَ کان قرآنُ ڍَڪي.
چانگَ ۽ پينانگَ وَلِ تي وِڙهي پيا.
چانگُ کاڌن نانگُ، کپُرَ سڀ کپائيا.
چانگُ ۽ نانگُ ويرُ نه ڇڏي.
چاچي به چوي، چُهنڊڙي به هَڻي.
چاڪيءَ جي ڏاندَ کي، گهرُ ۾ ئي سؤ ڪوههَ.
چاڪِي يارُ ته به اَڻڀا وارَ.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal