SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


گهوٽالو


:جامع سنڌي لغات ۾

گهوٽالو

گهوٽالو جمع گهوٽالا

ذ . سن .گهٽ= بدل سدل ڪرڻ. بي بندوبستي، گڙٻڙ، ڦڏيڙو ، اٽڪاءُ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


گهوٽالو

Crisis

ڪِرائسز

ڪنهن به واقعي يا حادثي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل اهڙي هنگامي يا آزمائش ڀري صورتحال ، جنهن جي نتيجي ۾ غيريقيني ۽ خطري ڀريو وايومنڊل جُڙي وڃي ۽ ڪنهن فرد ، گروهه ، تنظيم ، قوم يا سماج جا مفاد خطري ۾ اچي وڃن . گهوٽالي جي ڪري فوجي ، سياسي ، معاشي ، معاشرتي ۽ ماحولياتي معاملن ۾ ناڪاري اثر پون ٿا ، خاص ڪري جڏهن اهو بنا چتاءَ يا اڳواٽ آگاهيءَ جي پيدا ٿئي ٿو. عام طور دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ گهوٽالن جا سبب فيصلي- ساز ادارن جي نااهلي ، خراب حاڪميت ، غُربت ، بيروزگاري ، ناڪاره معاشي پاليسيون ، ماحولياتي اثرن جي ڪري ٻوڏن ، طوفانن ۽ ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ سميت مختلف ’فطري بُحرانن‘ جي آمد ۽ محدود مفادن جي تڪميل وغيره تي مبني هوندا آهن . بين الاقوامي لاڳاپن جي حوالي سان ’گهوٽالو‘ هڪ اهڙي ڪيفيت آهي ، جنهن ۾ ٻن ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب حملي جي خطري سبب سخت بيچيني ڇانيل هُجي ۽ امڪاني جهيڙي سبب گهڻ- مُدتي نقصان پهچڻ جو خدشو هُجي


.


گهوٽالو بابت وڌيڪ اصطلاح

  • افغانستان جو گهوٽالو
  • اگادير گهوٽالو
  • بحران- تعطل- گهوٽالو
  • سون جو بحران- گهوٽالو
  • معاشي بحران- گهوٽالو
  • ڏاکڻو- اوڀرايشيائي گهوٽالو
  • ڪانگو گهوٽالو

  • Remember Me Also:

    ڌوتاري

    ث. آرسي ، درسني ، ٽِڪ ، آهري ، آئينو.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal