SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪومنفارم


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ڪومنفارم

Cominform

ڪومنفارم

آمريڪي پرڏيهي وزير مارشل جي جوڙيل ”مارشل رٿا“ جي ٽوڙ لاءِ 5 آڪٽوبر 1947ع ۾ وارسا (پولئنڊ) ۾ يوگو سلاويا، بلغاريا، روم، هنگري، پولنڊ، روس، فرانس، چيڪوسلواڪيه ۽ اٽليءَ جي ڪميونسٽ پارٽين Communist Information Bureau (Cominiform) جي نالي سان معلوماتي ۽ اطلاعاتي تعاون جوڳو اتحاد ٺاهيو، جنهن جو مقصد اُنهن مُلڪن جي ڪميونسٽ پارٽين جي پاليسين ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ ”مارشل رٿا“ کي ناڪاره بنائڻ هو. 1944ع ۾ سوويت يونين جي ڪميونسٽ اڳواڻ جوزف اسٽالن ڪميونسٽن جي عالمي تنظيم ”ڪومينٽرن“ کي ٽوڙي هيءَ تنظيم قائم ڪئي ۽ ان کي عالمي سطح تي ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ جي ڏس ۾ رٿائون جوڙڻ جو ڪم ڏنو ويو. بُنيادي طور اهو هڪ پروپئگنڊائي ادارو هو، جنهن جو ڪم سوويت يونين جي هدايتن هيٺ مُوڙي واد دُنيا (Capitalism)خلاف ۽ ڪميونسٽ حُڪومتن جي حمايت ۾ پرچار ڪرڻ هو.


Remember Me Also:

سوڀياوان

ذ. صفت. سونهن وارو ، سهڻو ، حَسين ، مَلُوڪُ ، ٺاهوڪو ، سُندر ، خوبصورت ، صورتمند ، موچارو ، خوشنما. شاندار ، شانائتو ، آبائتو ، رونقدار ، جلويدار ، چمڪندڙ ، ڌڄا وارو. ث سوڀياوان.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal