SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪومنترن


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ڪومنترن

Comintern

ڪومنترن

دُنيا جي ڪميونسٽ ملڪن جي عالمي ادارن ”ڪميونسٽ انٽرنيشنل“ جي مُهڙ وارن لفظن مان هر هڪ شروعاتي اکرن Com ۽ Intern کي ملائي ٺاهيو ويو آهي. 1864ع ۾ بين الاقوامي ڪميونسٽ پارٽين جي اجتماع طرفان جديد ڪميونسٽ فڪر جي باني ڪارل مارڪس (1818-1883ع ) جي صدارت ۾ ٿيو. هن گڏجاڻيءَ ۾ مزدورن جي پهرين عالمي تنظيم (International Workmen’s Association) جوڙي ويئي. جنهن کي سماج وادي (Socialist) ۽ نراجوادي (Anarchist) ڌڙن درميان ٿيندڙ اختلافن جي ڪري 1872ع ۾ ٽوڙيو ويو. اِن کي پهرين ”ڪومنترن“ سڏيو ويو. ٻي Comintern 1889ع ۾ ٺاهي ويئي. 1919ع ۾ روس جي ڪميونسٽ اڳواڻ ولا ديمير لينن ٽين Comintern ٺاهي. چوٿين Comintern 1936ع ۾ سوويت يونين جي ٻئي مشهور انقلابي مهندار ليون ٽراٽسڪيءَ جي پوئلڳن ٺاهي. انهن ڪميونسٽ تنظيمن جي قيام جو اصل مقصد دنيا جي ڪميونسٽ پارٽين ۽ اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ هو. ان کان علاوه دُنيا ۾ سرمائيدار (Capitalist) حڪومتن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن وسيلا ڪتب آڻڻ ۽ روايتي رياست جي خاتمي تائين، عارضي بندوبست طور سوويت رياست جو قائم ڪرڻ به هو. 1919ع کان 1935ع تائين انهيءَ ڪميونسٽ تنظيم جا 7 عالمي اجلاس ٿيا.


Remember Me Also:

ڀار

ذ. [ڀائُرَ < ڀارَ] ڀاءُ جو جمع ”يَومَ يُفرالمَرءُمِنِ اَخِيه، جِت ڀڄندا ڀارَ“ شاهه.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal