SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪانگو


:جامع سنڌي لغات ۾

ڪانگو

ڪانگو جمع ڪانگَا

ذ. ڪانگل ، ڪانءُ ، ڪانگ. قاصد.

ڪانگو

اسم خاص. هڪ قبيلي جو نالو. هڪ ماڻهوءَ جو نالو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ڪانگو

Congo

ڪانگو

وچ آفريقا ۾ قائم ٿيل ملڪ جو نالو، جنهن کي 1970ع کان”زائر“جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. 8 ڪروڙ آبادي تي ٻڌل هيءُ ملڪ پکيڙ جي لحاظ کان سوڊان ۽ الجيريا کانپوءِ آفريقا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي ۽ 20 صديءَ ۾ بيلجيم جي بيٺڪ به رهيو آهي. 1960ع ۾ آزادي ماڻڻ کانپوءِ ڪانگو گهرو لڙائيءَ جي ور چڙهي ويو، جنهن جو فائدو وٺندي دنيا جي مها طاقتن ان کي پنهنجي ڌُريائي جنگي حڪمت عمليءَ جو حصو بڻائي اڻ کُٽ جنگين جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪانگو ۾ هڪٻئي جي مخالف سياسي ليڊرن پيٽرس لوممبا، ڪاسا ووبو ۽ سومبو جي وچ ۾ ٿيل گهرو لڙائيءَ غريب عوام کي وڏين مصيبتن ۾ جڪڙي ڇڏيو. بعد ۾ گڏيل قومن جي ڪوششن سان ڪجهه وقت لاءِ ڪانگو ۾ امن قائم ٿيو، پر پوءِ به هيءُ ملڪ مسلسل سياسي ڇڪتاڻ جو شڪار رهيو. ڪانگو جي گاديءَ جو هنڌ ڪِنشاسا آهي. هن مُلڪ عظيم انقلابي اڳواڻ پيرس لوممبا جي ڪري ٽين دُنيا جي ملڪن ۾ وڏي مڃتا ماڻي.


ڪانگو سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

ٻڏي

ث. پاڻيءَ ۾ ٻڏل ، غرق ٿيل. ناس ، چٽ ، نابود.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal