SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪافي


:جامع سنڌي لغات ۾

ڪافي

ڪافِي جمع ڪافِيُون

ث. ع. قافيه سنڌي شعر جو هڪ قسم ، ڪلامُ ، راڳُ ۽ راڳڻيءَ جو نالو. فقراءِ جي رهڻ لاءِ سيوهڻ ۾ خاص اوتارو ، هڪ مڪانَ جو نالو. ڪفايت ڪندڙ ، مڪتفي. ذ. صفت جهجهو ، دِلتي ، من گهريو ، ڀرپُورُ. ڪم ٽپائِڻ جيترو ، پورو ، ٺيڪُ ، بَرابَرُ ، وزنائتو ، موزونُ ، واج

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڪافي

(Kafi)

ڪافي لوڪ ادب جي پياري شاخ اھي جنهن جو موضوع مجازي عشق جو درد ۽ فراق ھوندو اھي. ڪافي جي گفتگو گھڻو ڪري عورت جي زباني ڪئي ويندي اھي.ڪافي جڏهن پنهنجي ارتقا جون منزلون طئه ڪيون ته ان ۾ حُسن ۽ عشق کان علاوه ٻيا به ڪيترائي موضوع شامل ٿي ويا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي خيال مطابق”عربن جي حڪومت واري دؤر ۾ يا ان کان پوءِ سنڌ جي شاعرن پنهنجن ڪن مخصوص نظمن لاءِ قافي ۽ ڪلام جا نالا استعمال ڪيا، جي عربي شاعريءَ جي ’قافيته‘ ۽ ’ڪلمته‘ جي ترجماني هئا. جن جي معنى آهي: ”منظوم ڪلام، اڪثر ماهرن ڪافيءَ کي ٺاٺ سڏيو آهي، جنهن مان ٻيون راڳڻيون نڪتيون آهن. هن سلسلي ۾ منظور نقوي لکي ٿو ” هي راڳ (ڪافي) ”هر پريا ميل“ ٺاٺ مان امير خسرو جي ايجاد آهي، هن جي ڳائڻ جو وقت اڌ رات ۽ ٽاڪ منجهند مقرر ڪيو ويو ۽ راڳداري موجب اَروهي ۽ امروهي جي سڀني سُرن لڳڻ سبب انهي کي ڪافي ڪوٺيائين. ڪافي دراصل سنڌ جي ايجاد آهي، جنهن جي پکيڙ سڄي سنڌو ماٿريءَ ۾ ٿي. پنجابي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪافيون موجود آهن. جڏهن ته امير خسروءَ (1253-1325ع) واري علائقي ۾ ڪافي موجود ڪانهي. ڪافي سنڌ ۾ ايترو ته مشهور ٿي جو ان سنڌ کان ٻاهر به سفر ڪيو ۽ سنڌ کان ٻاهر ڳائجڻ لڳي. برهانپور ۾ جيڪي سنڌي لڏي ويا هئا. انهن ۾ هڪ بزرگ شيخ لاڏجيو (1523-1598ع) نالي هو. جيڪو اتي سنڌ جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ سنڌي ڪافيون ڳائي ٻُڌائيندو هو، جنهن جو ذڪر ’آئينِ اڪبريءَ‘ ۾ آهي ۽ ڪافيءَ کي سنڌ جو راڳ سڏيو ويو آهي. سٽاءَ جي لحاظ کان ڪافي ۾ هڪ، ٻن يا ٽن سٽن جو ھم قافيھ ٿلھھ ھوندو اھي، جنھن کان پوءِ ٽن کان مٿي ان جا بند ھوندا اھن جيڪي پنھنجي جاءِ تي مصرعن جي لحاظ کان ھم قاکيھ ھئڻ کانپوءِ وراڻيءَ ۾ ٿلھھ جي ھم قاکيھ ھوندا اھن. سنڌي شاعريءَ ۾ سچل سرمست ڪافيءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر اھي. ان کان سواءِ مصري شاهه، بيدل، صوفي صادق، پکن ڌڻي، منٺار فقير، محمد فقير کٽياڻ، ڇتو فقير سولنگي، خوش خير محمد هيسباڻي، شاهه نصير، عثمان فقير سانگي، رکيل شاهه، خيرل شاهه ۽ ٻيا ڪافي گو اهم شاعر ٿي گذرا آهن. مرزا قليچ بيگ ۽ سانگيءَ به ڪجهه ڪافيون چيون آهن. جديد شاعرن ۾ محمود طالب الموليٰ، استاد بخاري ۽ بردي سنڌيءَ ڪافيون لکيون آهن.


>

جاگرافيءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


ڪافي

Coffee


سرائڪي سنڌي لغت مان:

ڪافي

سرائڪي : کافی

سرائڪي ۽ سنڌي: کافی/ڪافي

ڪافي، سانيٽ، هڪ بند
* [صفت] ڪافي، گهڻا، جهجها، جام، اڪيچار


ڪافي سان لاڳاپيل لفظ


.


ڪافي بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اڻ پورو، ناقص، اڻ ڪافي
  • اڻ پورو، گھٽ، ٿورو، اڌورو، غير ڪافي
  • قهوو، ڪافي
  • پورو، مناسب، ڪافي
  • گانو، ڪافي
  • گهڻا يا ڪافي
  • گيت، نظم، راڳ، غزل، ڪافي

  • .


    ڪافي لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ڳيرو

    ذ . ف. فاخته پکيءَ جو هڪ قسم وڏو اڇو اهو ڳيرو ڪڙڪٽ ننڍي ڳيري، ٻاٻيهو ننڍو ڳاڙهو ڳيرو ٿ . ڳيرِي جمع ڳيريُون.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal