SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڊراما/ناٽڪ


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڊراما/ناٽڪ

(Drama)

’ڊراما‘ يوناني لفظ ’ڊرائو‘ يا ’ڊراءِ‘ مان نڪتل اھي، جنھن جي معنيٰ اھي ”عمل“ يا ”عمل ڪري ڏيکارڻ“. ان کان علاوه “آهل ڪرڻ” يا “نقل ڪرڻ” (imitation) جو لفظ به ڊرامي لاءِ استعمال ڪيو ويو. ڊرامي جي شروعات قديم يونان کان ٿي. يونان وارا ڊرامي کي اعليٰ شعر (Great Poetry) سڏيندا ھئا. ڊرامو دنيا جي سمورين سڌريل توڙي اُسريل ٻولين ۾ موجود اھي. اديب، ڊرامي جي ان بنيادي اھميت کان واقف ھئڻ جي ناتي پنھنجي تخليقي ذميداريءَ کي سمجھي ٿو. ھو ڊرامي کي سماجي ڪارج لائق بنائڻ لاءِ، معاملن کي چٽو ۽ واضح ڪري فوڪس ۾ آڻي پنھنجي موضوع ڏانھن عام ماڻهوءَ جو ڌيان ڇڪائي ٿو. سنڌي ڊرامي کي قديم دور کان ”ناٽڪ“ سڏيو ويو. سنڌي زبان ۾ ناٽڪ جو مطلب اھي ”نقل ڪرڻ“. ناٽڪ جي تاريخ سنڌ ۾ ايتري قديم اھي، جيترو سنڌ جو لوڪ ادب قديم آھي. ان کي سانگ به چيو ويندو هو. دراصل ”ناٽڪ“ ھندي ٻوليءَ جي ”نرتڪ وديا“ مان نڪتل اھي، جنھن جو مطلب اھي تھ ڪنھن نھ ڪنھن نموني پنھنجي فن جو مظاھرو ڪرڻ، اھو پوءِ ڀلي اداڪاريءَ وسيلي ھجي يا سنگيت ۽ رقص وسيلي.


Remember Me Also:

ڊاڪ بنگلو

ذ. سرڪاري مسافر خانو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal