SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڇيڄ


:جامع سنڌي لغات ۾

ڇيڄ

ڇيڄَ (ت)

ٺ. پاڻيءَ جو ڇينهِرو ، سرءُ جي موسم ۾ پاڻيءَ جي لاٿ.

ڇيڄُ (ل)

ذ. دُهُلَ جي وڄت جو هڪ نمونو ناچ جو تال. ڏانڊين يا ڏونڪن سان جهُمِرِ ناچ. تماشو ، رَونشو. خوشي. ڇَني يا ڇَپرَ جي اڏاوت. مهرباني ، لُطف ”ڪري ڇيڄ ڇَپَر ۾، پُنهون ايندو پاڻَ“ شاهه. چوپائي مال جو هڪ مرض ڍور کي بيماريءَ سبب يا اکُلَ وغيره لڳڻ سبب ڳَنڍو ٿي

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڇيڄ

(Marriage Dance)

شاعريءَ جو هڪ قسم، جيڪو سادو ۽ وڻندڙ هوندو آهي. ان ۾ سونهن جي ڀيٽ به ڪئي ويندي آهي. شيخ اياز پرينءَ جي سونهن جو بيان هن ”ڇيڄ“ ذريعي ڪيو آهي. ان ڇيڄ تي نرتيه به ڪري سگهجي ٿو. اڙي چنڊ، اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهه، سندس روپ سندس رنگ، ائين آهه جِئين تون! اڙي رات اڙي رات، پرين تو ته ڏٺو ناهه، سندس وار سندس ونگ، ائين آهه جِئين تون! اڙي ڦول اڙي ڦول، پرين تو ته ڏٺو ناهه، سندس رنگ سندس انگ، ائين آهه جِئين تون! اڙي هير اڙي هير، پرين تو ته ڏٺو ناهه، سندس ساٿ سندس سنگ، ائين آهه جِئين تون!


ڇيڄ سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

نيسار ڪرڻ

نيسارَ ڪَرَڻُ

ڌيءَ کي ساهرن ڏانهن پهريون دفعو روانو ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal