SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڇيد


:جامع سنڌي لغات ۾

ڇيد

ڇيدُ جمع ڇيدَ

ذ. [سن. ڇِدر] سوراخ ، سَلُ ، ٽُنگُ. چِيرُ ، شِگافُ. ڀاڃَ ، تعريف. علم نحو جي اصطلاح موجب جملي جي لفظن جي تقسيم. علم رياضي جي اصطلاح ۾ اڻپوري انگ جا جملي ڪيل ڀاڱا.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڇيد

( Analysis of Sentence)

”ڇيد“ ۽ ”تفريق“ هڪ شيءَ جا ٻه نالا آهن. ”ڇيد“ اصلوڪو سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”ڀڃڻ، ٽوڙڻ، جدا جدا ڪرڻ“ ۽ ”تفريق“ عربي زبان جي لفظ ”فرق“ مان جڙيو آهي، جنهن جي پڻ لغوي معنيٰ اهي ”فرقا فرقا ڪرڻ، ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ، ڌار ڌار ڪرڻ،“ وغيره.”ڇيد“ يا ”تفريق“ جملي جو ٿيندو آهي، جو ٻن يا وڌيڪ لفظن جو مجموعو ٿئي ٿو ۽ منجهانئس پورو مطلب نڪري ٿو.جملي ۾ اڪثر ٽي شيون هونديون آهن؛ مثال: مون ماني کاڌي. مٿئين مثال ۾ مون (فاعل)، ماني (مفعول) ۽ کاڌي (فعل) آهي. ”فاعل“ جي معنيٰ آهي ”ڪم جو ڪندڙ؛“ . سنڌي جملن ۾ ”فاعل“ جملي جي شروعات ۾ ايندو آهي. ”مفعول جي معنيٰ آهي ”جنهن تي ڪم ٿئي“.مفعول“ جملي جي وچ ۾ هوندو آهي. ۽ ”فعل“ جو مطلب آهي ”جيڪو ڪم ڪيو وڃي“.”فعل“ جملي جي پڇاڙيءِ ۾ ٿيندو آهي. تمام مختصر جملا رڳو ٻن شين (فاعل ۽ فعل) تي مشتمل هوندا آهن. انهن مختصر جملن جو ڇيد ڪرڻ وقت، هر هڪ جملي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي، جنهن مان پهرئين حصي کي ”مبتدا“ ۽ ٻئي حصي کي ”خبر“ چئبو آهي. ”مبتدا“ جي معنيٰ آهي ”ڪنهن ڪم جي ابتدا يا شروعات ڪندڙ“. جملي ۾ ڪم جي ابتدا ڪندڙ کي ”فاعل“ چئبو آهي، جو ڇيد ڪرڻ وقت مبتدا واري خاني ۾ رکبو آهي. ڇيد جو ٻيو حصو آهي ”خبر“. فاعل جيڪو ڪم ڪري ٿو، ان جي وضاحت ڪندڙ لفظ انهيءَ ”خبر“ واري خاني ۾ رکبا آهن. اهي لفظ فعل جي صورت ۾ هوندا آهن.ڪنهن به جملي جي ڇيد ڪرڻ وقت پهريائين ان جو فاعل معلوم ڪبو آهي، جنهن لاءِ ان جملي ۾ پيل فعل کان ”ڪير“ يا ”ڪنهن“ جو سوال پڇبو آهي؛ ۽ مفعول معلوم ڪرڻ لاءِ وري انهيءَ فعل کان ”ڇا“ جو سوال ڪبو آهي. اهڙي نموني سان جملي ۾ آيل ”فاعل“، ”مفعول“ ۽ ”فعل“ چڱيءَ طرح سان معلوم ڪري سگهبا آهن.


ڇيد سان لاڳاپيل لفظ


.


ڇيد بابت وڌيڪ اصطلاح

  • برقي ڇيد
  • برقي- ڇيد
  • تجزيو- جائزو- چڪاس- ڇيد
  • تجزيو- چڪاس- تفريق 2 تحليل- واڪ- ڇيد
  • ترڪيب، واڪ ڇيد
  • خانو، چير، ڇيد
  • خودپاشي، خود ٽوڙ، خود ڇيد
  • سوراخ، کانچو، ڇيد
  • عرق پاشي، ضعيف، ڪمزور، آرپار ڇيد
  • نالو رکندڙ، ڇيد
  • نس يا رڳ پاشي عمل اوڄي پاشي، بافت ڇيد
  • واڪ ڇيد

  • .


    ڇيد لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ڪڪوريل

    ذ. صفت. ڳاڙهاڻ تي مائل ، لال ، ڳاڙهيرو ، رَتو. پچڻ طرف مائل.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal