SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


چتاءُ


:جامع سنڌي لغات ۾

چتاءُ

چِتاءُ جمع چِتاوَ

ذ. خبر ، سُڌ. اطلاع ، ڄاڻُ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


چتاءُ

Ultimatum

الٽيميٽم

هڪ قسم جي تڪڙي ۽ سخت آگاهي ، جنهن جو مقصد ڪنهن به ڌُر جي اڳڀرائيءَ کي سختيءَ سان روڪڻ ۽ ان حوالي سان ڪيل گڏيل فيصلي کي نه مڃڻ جي صورت ۾ ڏوهي ڌُر کي سزاوار ڪرڻ هوندو آهي. هي چتاءُ طئي ڪيل وقت ۽ علائقي جي دائري ۾ محدود ٿئي ٿو، جنهن تي عمل کان پوءِ معاملي جو حل ڳالهه ٻولهه ذريعي ممڪن سمجهيو ويندو آهي . سفارتي حوالي سان چتاءُ ٻن معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. هڪڙو ته، ڪنهن به رياست يا ڌُر کي ڪنهن مخصوص معاملي ۾ ذميواريون ادا ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ آخري ۽ فيصله ڪُن آگاهي ڏني وڃي ۽ گهربل تقاضائون پوريون نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڏنڊ ، جنگ يا پابندين کي لاڳو ڪيو وڃي. هن چتاءَ ذريعي ڏوهي ڌُر سان وڌيڪ ڳالهين جي گنجائش نه رکي ويندي آهي . اهڙا چتاءَ سُفارتي حلقن ذريعي ڏنا ويندا آهن. جڏهن ته ٻئي رُخ تحت، چتاءَ ذريعي هڪڙيءَ حُڪومت طرفان ٻيءَ حڪومت کي امڪاني نتيجن کان اڳواٽ آگاهي ڏني ويندي آهي. مثال طور ٻوڏ ۽ طوفان وغيره جا اطلاع ڏيئي کيس ايندڙ خطرن کان خبردار ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوه بين الاقوامي ڏوهاري حلقن پاران اغوا ۽ ٻين ڏوهاري سرگرمين دوران پنهنجن مطالبن جي پورائي جي حوالي سان، ڪورٽون فيصلن تي عمل ڪرائڻ جي حوالي سان ۽ ڪنهن به ڌُر پاران انفرادي طرح لاڳاپا ٽوڙڻ جي حوالي سان پڻ هي اصطلاح استعمال ٿيندو رهي ٿو. عالمي سياست ۾ ٻن ڌُرين وچ ۾ ڇڪتاڻ جي عُروج تي پهچڻ کان پوءِ هڪٻئي کي ڏنل ڌمڪين جي ابتدائي شڪل به چتاءَ وانگر هوندي آهي . 1962ع ۾ ’ڪيوبائي ميزائيل گهوٽالي‘ دوران آمريڪي صدر ’جي- ايف ڪينيڊي‘ طرفان سوويت حڪومت کي ڏنل چتاءُ ، 1991ع ۾ صدر ’بُش‘ پاران ڪويت تي حملي کان پوءِ عراق کي ۽ ڏکڻ ڪوريا کي ايٽمي پروگرام جي سلسلي ۾ ڏنل چتاءَ پڻ ان سلسلي ۾ مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا


چتاءُ سان لاڳاپيل لفظ


.


چتاءُ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اطلاع وارو چتاءُ
  • اطلاع ڏيڻ، رپورٽ، اطلاع، خبر، ھل، پڪار، چتاءُ
  • اڳ چتاءُ
  • تاڪيد، تنبيهه، چتاءُ
  • تصنيفي حق جو چتاءُ
  • تنبيھ ، اعلان ، نظر، اطلاع، اطلاع نامون، چتاءُ
  • موسمي چتاءُ
  • نوٽيس، اعلان، پڌرنامو، چتاءُ
  • ڏس، اشارو، مشورو، صلاح، چتاءُ

  • .


    چتاءُ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    مدحيه

    مَدَحِيَه

    صفت . مدح جو، مدح وارو. ساراهه ڏيکاريندڙ. واکاڻيندڙ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal