SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڀِٽ


:جامع سنڌي لغات ۾

ڀِٽ

ڀَٽَ

اسم خاص. سنڌ جي مسلمانن جي هڪ بيکاري ذات جو نالو جي شادي ۽ خوشيءَ جي موقعن تي ڏاڻ وٺن؛ ڪي شجرا به ياد رکن ۽ پڻ ڳائين وڄائين. هندن جي هڪ ذات جو نالو.

ڀَٽُ جمع ڀَٽّ

ذ. [سن. سردار] وڏي پڙهيل برهمڻ يا پنڊت جو لقب ”ڀَٽ آچاريَه“ = سڀني کان وڌيڪ پڙهيل، وڏي ۾ وڏو عالم. [سن. ڀَٽ = ڳالهائڻ] ’ڀَٽ‘ قوم جو فرد جو ڳائي وڄائي ۽ ڪِيرتُون ڪري. مداح. ڳائڻو. اُهو ماڻهو جنهن کان شاديءَ مراديءَ جي اشتهار جو ڪم ورتو وڃي. ڄاڻ ڪندڙ. ه

ڀِٽَ

اسم خاص. تعلقي مٽياري ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو ، ڀٽ شاهه جتي سدا حيات شاعر ’شاهه عبداللطيف رحه“ جو مقبرو آهي ”ڀِرَي ڀِٽَ تي آئيو، سارنگ سهج مجهان“ شاهه. منهوڙي جي ويجهو هڪ ٻيٽ جو نالو.

ڀِٽَ جمع ڀِٽُون

ث. واريءَ جو وڏو دڙو جو ٽَڪريءَ وانگر ڏيکارجي. ڊِٻَ.

ڀُٽُ

ذ. بُٺ. ويرانو ، برپٽ. اَن جو بوسو ، تُهي. صفت ڦِٽل ، ڊٺل ، ويران.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڀِٽ

(A mound of sand)

سنڌيءَ ۾ ’ڀِٽ‘، واريءَ جي دڙي کي چوندا آهن، ’ڀٽ‘ جو اصطلاح شاهه لطيف “ڀٽائي”سان منسوب آهي. شاهه لطيف کي مجازي ۽ حقيقي عشقَ آرام نه ڏنو. سير سفر دوران نون هالن کان ٻن ڪوهن جي پنڌ تي، ڪراڙ ڍنڍ وٽ ڪرڙن ۽ ڪنڊن ۾ ويڙهيل، واريءَ جي دڙي کي پنهنجو آدرشي آستان ٺاهيائين. نهايت ڪشالي ۽ محنت سان، ان کي پنهنجي ”ڀٽ“ جي صورت ڏنائين. فقيرن سان گڏ، انهيءَ واريءَ جي دڙي تي چيڪي مٽي وڌائين، ۽ پوءِ پنهنجي لاءِ هڪ جھوپڙي اڏيائين. سندس حوالي سان ان ڀٽ کي هاڻي ’ڀٽ شاهه‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ ننڍڙو شهر بنجي چڪو آهي.


ڀِٽ سان لاڳاپيل لفظ


.


ڀِٽ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • ڀٽ ڀٽ
  • کاروڙو ڀٽ
  • کبري ڀٽ

  • .


    ڀِٽ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    شوٽ ڪرڻ

    بندوق جي گولي هڻڻ ، گولي هڻڻ ، چِٽَڻُ ، نشان ڪرڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal