SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ٿُوسيڊائيڊس


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ٿُوسيڊائيڊس

Thucydides

ٿُوسيڊائيڊس

”ٿيوسيڊائيڊس“ پنجين صدي قبل مسيح ۾ يونان جو تاريخدان ٿي گذريو آهي. قديم يونان جي ٻن رياستن ايٿنز ۽ اسپارٽا جي وچ ۾ جيڪي جنگيون لڳيون، انهن کي ٿُوسيڊائيڊس ”پيلوپونيشيائي جنگين جي تاريخ“History of Peoloponnesian Wars جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ سامهون آندو. ٿيوسيڊائيڊس کي ”سائنسي تواريخ ۽ سياسي حقيقت پسندي“ (Scientific History and Political Realism) جو اَبو ۽ بانيڪار مڃيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري اڄ ڏينهن تائين به ٿُوسيڊائيڊس جي نظريي کي فوجي حڪمت عملين ۽ سياسيات جي علمن ۾ لازمي طور پڙهايو وڃي ٿو. ٿوسيڊائيڊس جو پنهنجو مقصد به اهو هيو، ته هن کي ايندڙن دورن ۾ گهربل مڃتا ملي ۽ هن جي ڪم کي هر دؤر جا شاگرد ۽ ماهر پڙهن ۽ سمجهن. محققن جي خيال ۾ ٿوسيڊائيڊس جي مٿي ڏسيل ڪتاب ۾، ڪي خاص اهم ۽ وڏا نظريا موجود نه آهن، پر قديم يونان جي ٻن تڪراري ڌُرين جي وچ ۾ جنگي هُنر کي جهڙي تفصيل سان ٿوسيڊائيڊس پيش ڪيو آهي، انهيءَ منجهان تاريخي لحاظ کان بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ تڪرارن جا سبب، زور آزمائيءَ جا داءَ ۽ فوجي انتظامن جا طريقا آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچن ٿا. سياسي حوالن سان زورآزمائڻ ۽ جنگ جا سبب ۽ نتيجا معلوم ڪرڻ وارا فن، سڀني کان پهرين ٿوسيڊائيڊس ئي تفصيلي مهارت سان درج ڪيا. انهيءَ ڪري بين الاقوامي تعلقات جي علم ۾ ٿوسيڊائيڊس کي حربي علم بابت جديد نظرين جي بانيءَ طور مڃيو ويندو آهي. جديد دؤر ۾ سفارتي مهمن، سياسي چالبازين، فوجي اتحادن، بادشاهت جي طور طريقن واري حڪومتي ڏانءَ، جنگ جي مهارت ذريعي دُشمن تي سبقت، سامونڊي ۽ زميني فوج جي مناسب استعمال ۽ ڪامياب پرڏيهي پاليسي جوڙڻ جا اصول ٿوسيڊائيڊس جي بيان ڪيل نظرين جي بُنياد تي وڌيا ويجها ۽ جديد صورت ۾ مُڪمل ٿيا آهن


Remember Me Also:

ڪٽوڙو

لوهه کي ڳارڻ وقت کوري جي تَري ۾ مٽي سان ٻڌجي ويل ڪِٽُ ، ڪَٽُ ، ڪَسُ ، زَنگُ ، زنگارُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal