SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پهاڪو


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


پهاڪو

पहाको s. m.

An adage, proverb.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

پهاڪو

پَهاڪو جمع پَهاڪا

ذ. [سَن. پَٿَ + ڪو] ڏاهَپَ جو قول ، ڪَهاوت ، مقولو ، سِياڻپَ، دانائي يا ڪنهن واقعي جو ٿورن لفظن ۾ اشارو جو ڪنهن کي مثال طور ٻڌايو وڃي، جيئن ”ڪتو به کاڌو ڪُکِ به نه ڀري“ وغيره. رستو ، واٽَ. نصيحت.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

پهاڪو

(Proverb)

”پھاڪو“ سنڌي لفظ ”پھه“ مان ورتو ويو اھي جنھن جون معنائون اھن، خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، صلاح ڏيڻ/وٺڻ سوچڻ ۽ نبرڻ وغيره. پھاڪا، چوڻيون ۽ ٻھکڻن جا ٻول، سنڌي سياڻپ جو آئينو اھن. منجھن سنڌي رھڻي ڪھڻي ۽ کڻ کوت جي گھڻي ڀاڱي جيئري جاڳندي تصوير ڇڪيل اھي. جيتوڻيڪ پهاڪا مختصر اھن، مگر چوڻ وقت مطلب کي مفصل ڪن ٿا. اھڙي طرح پھاڪن مان ماڻهن جي عادتن ۽ اطوارن، رفتار ۽ گفتار، رسم ۽ رواج، ڪمال ۽ زوال، حرکت ۽ بدعت وغيره جو پتو پوي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ پھاڪا ۽ اصطلاح ڪافي آھن. انھن ۾ اڪثر نج ۽ ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آيل آھن. اھي سنڌي ادب توڙي معياري ادب جا عام جز آھن. سنڌي لوڪ ادب جي انھن املھھ موتين کي گڏ ڪرڻ جو ڪم سنڌي عالمن جھڙوڪ ڪيولرام اڏواڻي، ڀيرومل مھر چند اڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، سيد عبدالحسين شاھھ موسوي، ڪشنچند جيٽلي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، الطاف شيخ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، پروفيسر روي ٽيڪچنداڻي، محمد صديق منگئي، انجينئر عبدالوهاب سهتي ۽ ٻين سر انجام ڏنو اھي. انھن صاحبن، پھاڪن جي ارتقاءَ، سندن معنائون، مطلب ۽ پيڙه ۽ اصليت جا اھڃاڻ پڻ ڪي قدر پيش ڪيا اھن. ڪجهه مثال: جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا. ڏڌو کير، ٿڻين نھ پوي. گھڻين زالين گھر نھ ھلي، گھڻين مردين ھر نھ ھلي. جھڙا ڪانوَ تھڙا ٻچا. رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورھھ ٿيا. ماڻھو سڀ نھ سھڻا، پکي سڀ نھ ھنج.


.


پهاڪو بابت وڌيڪ اصطلاح

  • متو، چوڻي، پهاڪو
  • چوڻي يا پهاڪو

  • Remember Me Also:

    جهڳڻ

    مصدر. سوال جواب ڪرڻ ، گفتگو کي ڊگهو ڪرڻ ، دليل ڏيڻ ، بحث مباحثو ڪرڻ ، بَڪ بَڪ ڪرڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal