SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پروميٿيئس


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

پروميٿيئس

(Prometheus)

پروميٿيئس يوناني ڏندڪٿائن موجب، دنيا جو پهريون باغي آهي، جنهن يونان جي سڀ کان سگهاري ديوتا زيوس(Zeus) جي ڊڪٽيٽرشپ کان بغاوت ڪئي ۽ هيٺ زمين تي پيل انساني مخلوق کي سگهاري ٿيڻ ۽ غلاميءَ جي شرمناڪ زندگيءَ تي سوڀ ماڻڻ جا راز ٻڌايا هئا، جن مان هڪ باهه جو استعمال به هو. موٽ ۾ پروميٿيئس تي، زيوس جو ڏمر لاڳو ٿيو ۽ سندس حڪم هيٺ، پروميٿيئس کي يونان جي پهاڙ جي چوٽيءَ تي زنجيرن سان ٻڌي، مٿس هڪڙي ڳجهه جي ڊيوٽي مقرر ڪئي وئي، جيڪا رات ٿيڻ تائين، سڄو ڏينهن پروميٿيئس جو ماس پٽيندي هئي. زيوس جو حڪم هو ته جيسي تائين پروميٿيئس معافي نٿوگهري، تيسي تائين کيس انهيءَ مسلسل عذاب ۾ مبتلا رکيو وڃي. ڏندڪٿا موجب پروميٿيئس ٽيهه هزار سال اها سزا ڀوڳي. پروميٿيئس جي ڪردار کي سڀ کان پهرين مشهور يوناني ناٽڪ نويس اِسڪائيلس (Aeschylus) ادب ۾ امرتا ڏني. سنڌي ادب ۾ ماڻڪ (1943-1982ع) جو ناول ”پاتال ۾ بغاوت“ پروميٿيئس جي علامتي ڪردار تي ٻڌل آهي.


Remember Me Also:

طرفداري

ث. پاسو ، لحاظ ، حمايت ، رياءُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal