SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ونگُ


:جامع سنڌي لغات ۾

ونگُ

وَنگ جمع وَنگُون

ث . اسم . نِڙي، نِرگهٽ، ڳِچِي، گلو، نِرگهوٽو، چيلهه، ڪَمَر. دروازي مٿان سرن جو ٺهيل اڌ گول، ڪمان، سَٿر وارو هَڏو، سَٿَر. قلعيءَ يا ٻئي ڪنهن ڌاتو جو ٺهيل ڪشتو، ڪک، جو قوت باهه وڌائي.

وَنگُ جمع وَنگَ

ذ . (سن. وڪر= ڏنگو) ڏِنگ، پيچ، وڪڙ. (سن. ونڪ= ور) ور، وڪڙ، وراڪو، ڏاوڻ، ڍنگ، ڏاڻ. وهٽ کي ڏهڻ وقت پوئين ٽنگن ۾ ٻڌڻ جي رسي. (سن. جنگها= ٽَنگ) گوشت جي ران جا ٽنگ کان جدا ڪئي ويئي هجي. سٿر جي هڏي. ملهه وڙهڻ جو هڪ ڍنگ، جانٺو (سن. وڪر= ڏ

ونِگَ

ث . عيب، گهٽتائي.

ونِگُ جمع ونِگَ

ذ . (سن. وڪر= ڏنمگو) ڏنگَ، ور، وڪڙ، پيچ، جهُڪُ، عيب ، سُقَمُ، اوگڻ، نقص، وِيڪ، اُوڻائي، پؤڻائي، گهٽتائي، وِڏ، حرڪت، ارڏائي، کؤنسڦٽائي.

وَنگُ جمع وَنگَ (ت)

ذ . اڌ گول ڪمان دروازي جي مٿان. ملهه جو داءُ جانٺو. گول ڪڙو . درياءُ جو ڍورو. واهڙ. ”کاري جئن کرن، ونگ مڙيئي واسيا“سُونهڻ جتن سيڻن، مٺو ساءُ نه مڻيو“ (سگهڙ)

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


هارپ جي لغت مان:

ونگُ

اها وريل ڪاٺي، جيڪا ٻائڙ ۾ وجهبي آهي


ٻارن جي لغت مان

ونگُ

گرامر noun

- اسم

arch


ونگُ سان لاڳاپيل لفظ


.


ونگُ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • شاهه ونگ
  • ونگٽ ونگ

  • .


    ونگُ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    هٿ ڇوهي

    هَٿَ ڇُوهِي

    ث . حرڪت بازي، کيچل، ائنٿرائي، مستي.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal