SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وفاقيت-مرڪزيت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


وفاقيت-مرڪزيت

Federalism

فيڊرلزم

لاطيني لفظ foedus مان ورتل هن سياسي نظريي/ تصورهيٺ دنيا جون ڪجهه قومون پنهنجن نمائندن جي سرواڻيءَ ۾ هڪ عهدنامي ذريعي مرڪز يا وفاق جوڙين ٿيون. البت هڪ اصطلاح طور ’فيڊرلزم‘ مان مراد هڪ اهڙو حڪومتي سرشتو آهي، جنهن ۾ رياستي خودمختياري آئيني طريقي سان مرڪزي حڪومتي اختياريءَ ۽ صوبن/رياستن جي شڪل ۾ ڪجهه آئيني سياسي ايڪن جي وچ ۾ ورهايل هوندي آهي. اهڙي طرح حڪومتي هلي چلي گڏيل طور طئي ٿيل اصولن/ضابطن هيٺ مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن ذريعي عمل ۾ ايندي آهي ۽ رعايا يا شهرين جا حق ٻٽي حڪومتي سرشتي ذريعي محفوظ ڪيا ويندا آهن. عام طور ڪا به فيڊريشن پرڏيهي پاليسي، بچاءَ، مواصلات ۽ ڪرنسي وغيره جهڙن معاملن جي نظرداري ڪندي آهي ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۽ شهري خدمتن جي نظام کي صوبائي ايڪن ذريعي هلائيندي آهي. پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي، ته صوبائي ايڪن جو بين الاقوامي سطح تي ڪو ڪردار نه بيهندو آهي. فيصلا- سازيءَ جي عمل ۾ سدائين صوبائي/ رياستي ايڪن کي شريڪ ڪري ڪنهن به وڏي اڳڀرائيءَ کان اڳ کين اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي. يورپ ۾ فيڊرل سياسي سرشتي جا حامي يورپي برادريءَ جي شڪل ۾ هڪ مرڪزي سياسي اختياريءَ جي حمايت ڪندي،اختيارن جي علائقائي، قومي ۽ وڏ- قومي سطح تائين ورڇ جا حامي آهن. جڏهن ته ڪئنيڊا مضبوط مرڪزي اختياريءَ جي شڪل ۾ ’فيڊرل‘ سرشتي جو حامي آهي. ٻئي پاسي آمريڪا،انڊيا،برازيل، ارجنٽينا، آسٽريليا ۽ ملائيشيا وغيره جهڙا ملڪ هڪ روايتي مرڪزي حڪومت جي حمايت ڪندي، مضبوط صوبائي حڪومتن کي ترجيح ڏيندي، ’ڪنفيڊريشن‘ جهڙي وفاقيت جا حامي ملڪ آهن


Remember Me Also:

ڪوٽ ڪارڙا

اسم خاص. تعلقي شهدادڪوٽ ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal