SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وزن


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


وزن

P वज़नु s. m.

Weight, weighing.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

وزن

وَزنُ جمع وَزنَ

ذ . (ع). تور، تورو، بار، بوج. انداز، پيمانو، مقدار. آزمائش. عزت. قدر. علم عروض جي اصطلاح ۾ ٻن يا وڌيڪ لفظن جي حرڪت هڪ جهڙي هئڻ جي حالت. جيئن”اڄ ۽ لَڄ يا بار ۽ خار وغيره .“ شعر جو ماڻ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

وزن

(Meter)

”وزن“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”تور“ يا ”ماپ“، وزن کي انگريزيءَ ۾ ‘Meter’ ۽ هندي ۾ ’پنگل‘ يا ’ڇند‘ چئبو آهي. اصطلاحي معنيٰ موجب، شعر ۾ آيل لفظن کي ڪن بحر جي ارڪان سان ماپي يا تور ڪري ٺاهي بيهارڻ کي ”وزن“ چئبو آهي. جهڙيءَ طرح تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ ڪا شيءِ رکي، ٻئي پڙ ۾ مقرر ٿيل ماپ يا وٽ (اڌ مڻي، ڏهه سيري، پنج سيري، يا هڪ سير، وغيره) وجهبا آهن؛ انهيءَ لاءِ ته اُن شيءَ جي تور يا ماپ ڪري ڏسجي. اهڙيءَ طرح سان بحر جي ارڪان جي قالب ۾ مختلف لفظن جي ماپ ڪري، هڪ سهڻو شعر ٺاهيو آهي. شعر جي انهيءَ ماپ يا ترتيب کي ”وزن“ چئبو آهي.


سرائڪي سنڌي لغت مان:

وزن

سنڌي : وزن

سرائڪي سنڌي لغت وزن/وزن

[مذ] وزن، بار، ٻوجهه


سرائڪي سنڌي لغت مان:

وزن

سرائڪي : وزن

سرائڪي ۽ سنڌي: وزن/وزن

[مذ] وزن، بار، ٻوجهه


وزن سان لاڳاپيل لفظ


.


وزن بابت وڌيڪ اصطلاح

  • استعمال ڪيل وزن
  • انگريزي شاعريءَ جو هڪ وزن
  • اهميت- مطلب- قدر- ضرورت- وزن
  • اُٺ جيترو بار- وزن
  • اگهه- ملهه- بها- نرخ- مقدار- وزن
  • بار، بوجو، ناگوار، وزن
  • بحري جهاز تي لڏيل سامان جو وزن
  • بـحـر وزن
  • بنيادي تور- اصلي وزن- اساسي وزن
  • بنيادي وزن
  • توازني وزن
  • تور- وزن
  • جاندار وزن،حيات مايو،جيو مادو،حياتياتي وزن
  • جملي وزن
  • جهجهائي، گهڻائي، غلبو، وڌيڪ وزن
  • جوهري وزن
  • حد کان وڌيڪ وزن
  • خالص وزن
  • خالي گاڏيءَ جو وزن
  • درج ٿيل محوري وزن
  • درج ٿيل وزن- لکيل وزن
  • دوا جي خوراڪ يا وزن
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    .


    وزن لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    وڏي ننڍي کي سڃاڻڻ

    وَڏي نَنڍي کي سُڃاڻَڻُ

    شاهوڪار غريب کي هڪجهڙي عزت ڏيڻ، غريب غُربي جي مدد ڪرڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal