SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ورجيس


:جامع سنڌي لغات ۾

ورجيس

وَرجيس جمع وَر جِيسوڻُ

ث . رسم، رواج، دستور، پَر، هلي چلي. عادت . تهذيب. خيال، فڪر، الڪو، انتظار. هار، سينگار جو شوق، ٺاهه ٺوهه جو شوق. سنڀال، حفاظت. جاچ، صرفو. مرجات. اصطلاح (جنهن جي لفظي معنيٰ هڪڙي آهي ۽ رواج موجب ٻي)، جُڳت.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ورجيس

(Varjes)

اهو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب اچي ۽ ان جي اکري معنى گهربل هجي، تنھن کي ‘ورجيس’ چئبو آهي. “محاوري وانگر ورجيس پڻ اهڙو ايڪو آهي، جيڪو جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي. ٻنھي ۾ فرق اهو آهي ته محاورو اکري معنى بدران ٻي معنى ڏيندو آهي، پر ورجيس پنھنجي اکري معنى ۾ ئي استعمال ٿيندي آهي.


.


ورجيس بابت وڌيڪ اصطلاح

  • ورج ورجس يا ورجيس

  • Remember Me Also:

    مزاجي

    مِزاجِي جمع مِزاجِي

    ذ . صفت. مزاج وارو، مغرور، هَٺيلو، اَڀماني، مجازي، آڦريل، دماغي، هٺي. ذاتي، سڀاويڪ. سُوگارو، ڏوراڇو، وٿيڪ، وِڪوِڪيو، ڪِڇرو، وِس وِسيو، ڪِراهتي، نفرت آڻيندڙ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal