SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


هنر


:جامع سنڌي لغات ۾

هنر

هُنَرُ جمع هُنَرَ

ذ . (ف). فن، ڄاڻپ، ڪاريگري، مهارت، گُنُ، دستڪاري، حرفت، ڪمال، جوهر. صنعت، حڪمت، دانائي، سياڻپ، ڏاهپ، هوشياري، ڪرتب، وصف، خوبي . انداز، سليقو، طور، طرز، نمونو، ڍنگ، اٽڪل. ڌنڌو، پيشو، ڪرت ، ڪم. ڳجهارت جو هڪ قسم.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

هنر

(Craft)Hunur/

هنر فارسي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪاريگري يا ڪاريگريءَ جو ڪم. لوڪ ادب سلسلي جو هڪ سندر سخن آهي ، جنهن ۾ سگهڙ پنهنجو عقل بيتن (ڏوهيڙن) جي انداز ۾عام ماڻهن اڳيان پيش ڪندا آهن. هو پنهنجي منظوم سٽاءَ ۾ ڪيئي ڳجهه (راز) سمائيندا آهن، جن جي معنيٰ نهايت اونهي (ڳوڙهي) هوندي آهي، جنهن جي سمجهڻ لاءِ وڏي عقل جي ضرورت پوي ٿي. هنر کي ڳجهارت جو نمونو به چئي سگهجي ٿو.. هنر جا هونئن ته گهڻا ئي قسم آهن، مگر مکيه چار (سرائتا هنر، بي سرا هنر، چير وان هنر ۽ عام رواجي هنر) آهن. پرولي، ڏور، سينگار ۽ ڳجهارت ۾ ڏنل بيتن کي هنر چئبو آهي. هنر جو هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.: کڻي آيا کوهه تان، اهي خان کُٽن، ڪڏهن ويٺا ڪينڪي، اهي خان کَٽن ”حمل“ چوي هٿ هيروان، اهي خان کٽن اهي خان کٽن، جي سرنديءَ ٽرن سومرا هن هنر ۾ ’کٽن‘ لفظ جي چير ڪري، اصل معنيٰ ظاهر ڪئي ويندي آهي. مثلاً: کٽن = ڪامياب ٿين، کٽن= کٽولن، کٽن= کٽين شين، لسي، ڌونئرو وغيره.


هنر سان لاڳاپيل لفظ


.


هنر بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آتش بازي ٺاهڻ يا هلائڻ جو هنر
  • آڱرين سان ڳالهائڻ جو هنر
  • اشارن سان گفتگو ڪرڻ جو هنر
  • اظهارڻ- بيان ڪرڻ جو هنر
  • اهل هنر
  • بازار ڪاري جو هنر
  • بازار ڪاريءَ جون اٽڪلون- بازار ڪاري جو هنر
  • بي هنر
  • تار جو هنر
  • تارن ذريعي مواصلات جو هنر
  • تجريدي فن- تجريدي هنر
  • تدبير، حرفت، اٽڪل، هنر
  • حافظي وڌائڻ جو هنر
  • حصول، حاصلات، جوهر، هنر
  • دستڪاري هٿ جو هنر
  • ديسي هنر
  • ديوتائن کي شعر جي رستي معلوم ڪرائڻ جو هنر
  • راڳ ۾ راڳ ملائڻ جو هنر
  • سادو، ڀورڙو، بي هنر
  • غير هنرمند- غير ماهر- بي هنر
  • فن - هنر
  • فن ۽ هٿ جو هنر
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    .


    هنر لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    جوڙ ڪرڻ

    ملائڻ ، ڳنڍڻ. ٽوٽل ڪرڻ ، ميزان ڪرڻ ، جمع ڪرڻ ، ڪٺو ڪرڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal