SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


هر


ميڊيڪل (طب) جي ڊڪشنريءَ مان :


هر

هُرَ (سارَ، ساروڻي، کنڌ، يادگيرو)

recall, remembrance, recollection


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


هر

S हरि s. m.

Vishnu.


S हरु s. m.

A plough.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

هر

هَر

صفت. (ف.هَر) هر هڪ، سڀ.

هَر

ذ . اسم خاص. هندن جي ديوتا جو نالو، هري، ڀڳوان.

هَرُ جمع هَرَ

ذ . (پرا= هَلُ، سن. هَلُ. سن. هَل. هَرُ)ٻنيءَ کيڙڻ جو هٿڻ، کيتيءَ ڪرڻ لاءِ زمين کي اٿلائڻ جو هڪ اوزار. هَل ، هرڻ (ڪ).

هُر

اسم خاص. تعلقي جاتيءَ ۾ هڪ ديهه جو نالو. (صفت). پکين جي اُڏامڻ جو آواز.

هُر جمع هُرُون (ل)

ث . يادگيري، ڪنهن ڳالهه جو دل تي تري اچڻ واري حالت ، خيال، يادگيرو، ساروڻي، کُنڌ، سار، انتظار، اوسيڙو، فڪر، ڳڻتي، کٽڪو. ”مون کي ماري منجهه ٿي سندي هوتن هُرَ.“ (شاهه).

هِرِ (ڪ)

ڪنهن چوپائي وهٽ يا جانور کي هڪلڻ لاءِ ڪم آندل لفظ، هِش، هُش، هُش. ٻه ڏاند گڏ ٻڌل، ٻيلهڙ، اُٺ جو نننڍو ٻچو، گونئرو، توڏو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


سرائڪي سنڌي لغت مان:

هر

سرائڪي : ہر

سرائڪي ۽ سنڌي: ہَر/هَر

[مث] ٻار نه ٿيڻ تي ماءُ جو ڏک (جانورن لاءِ)


سرائڪي : ہر

سرائڪي ۽ سنڌي: ہُر/هُر

[فعل- امر] هيٺ لَههُ، هيٺ ٿيءُ، هيٺ اچ


هر سان لاڳاپيل لفظ


.


هر بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اڪثر، بار بار، هر هر
  • مِٽي اُٿلائيندڙ ڳرو هر
  • هر هر
  • هري هر
  • گڏيل هر

  • .


    هر لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    قرباني ڪرڻ

    خدا جي راهه ۾ حلال جانور کي ذبح ڪرڻ ، حلال ڪرڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal