SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


نظم


:جامع سنڌي لغات ۾

نظم

نَظمُ جمع نَظمَ

ذ . ڌاڳي ۾ پوتل موتي، لَڙي، سَرِ، ڏورو، ڌاڳو. انتظام، بندوبست، آرائستگي، موزون ڪلام، شعر.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

نظم

نظم عربيءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”هڪ ٻئي سان ملڻ يا ملائڻ“ لغوي معنيٰ آهي ”پوئڻ“. شاعريءَ جي هن صنف ۾ خيالن، لفظن ۽ موسيقيءَ جو خاص خيال رکيو ويندو آهي. نظم ۾ وزن ۽ قافيي سان ڪيترائي بند هوندا آهن. هر هڪ بند جو ٻئي بند سان لاڳاپو هوندو آهي. نظم ۾ سٽن يا بندن جو انداز مقرر نه هوندو آهي. ڪي نظم ننڍا ٿيندا آهن ته ڪي ڊگها هوندا آهن. ڪي وري ايترا ته ڊگها ٺاهيا ويندا آهن، جو انهن جو هڪ پورو ڪتاب ٺهي پوندو آهي. عام طور تي هر نموني جي ڪلام کي نظم چيو وڃي ٿو، پوءَ ان ۾ ٿوري ۾ ٿوريون يعني ٻه يا چار سٽون به ڇو نه هجن. پر دراصل نظم هڪ ڊگهي شعر جو نالو آهي، جنهن ۾ موزون سٽن جو انداز گهڻو هجي. مضمون جي لحاظ کان نظم ۾ هر قسم جو مضمون اچي سگهي ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ نظم جا جديد دؤر جا اوائلي شاعر مرزا قليج بيگ ۽ حيدر بخش جتوئي رهيا آهن. اڳتي هلي نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، هري دلگير، فاني، شيخ اياز، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي، استاد بخاري، ابراهيم منشي، امداد حسيني ۽ عبدالحڪيم ارشد جديد نظم جا شاعر ليکيا ويا آهن.


نظم سان لاڳاپيل لفظ


.


نظم بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آزاد نظم
  • تجريدي نظم
  • تقطيع، نظم
  • ريڍارڪو، پادريءَ بابت، ڳوٺاڻي زندگيءَ بابت نظم
  • سادو نظم
  • سورهيائي نظم
  • شاعري- نظم
  • شعر گوئي، شعر ٺاهڻ جو هنر، شعر، نظم
  • عدد، انگ، شمار، مجمع، شعر، نظم
  • مصرع، بندي، شعر، بيت، نظم
  • مصرع، منظوم، نظم
  • معريٰ نظم
  • نثري نظم
  • ڀڄن، گيت، مذهبي نظم
  • چوڏهن سٽن وارو نظم
  • چوڏهن قطارن جو نظم

  • .


    نظم لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ايرڀير

    ذ. اَچ وڃ ، آمدرفت. مُنهن مهاڙ ، واسطو ، تعلق. ڄاڻ سُڃاڻَ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal